اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس جمال مندو خيل چيو آهي ته ججز ذاتي مفادن کان مٿي ٿي آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪن، ڇو ته ججن کي لازمي طور قانون جي حڪمراني لاءِ بيهڻو پوي ٿو، فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس جمال مندو خيل چيو ته جج جو ڪم اهو آهي ته هو هر فيصلي ۾ قانون کي معيار بڻائي، نه ڪي ذاتي خواهشن يا مفادن کي، جج ڪنهن به قسم جي دٻاءُ هيٺ اچي فيصلا نه ڪن، جج لاءِ هر حال ۾ آئين کي سڀ کان مٿانهون قرار ڏيڻ ضروري آهي، سپريم ڪورٽ جي جج جو چوڻ هو ته ججن کي پنهنجي سموري توانائي سائلين تائين انصاف جي فراهمي لاءِ وقف ڪرڻي گهرجي.