ليجنڊري اعصام الحق الوادعي اي ٽي پي ٽورنامينٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق اسلام آباد ۾ جاري اي ٽي پي چئلينجز ۾ پنهنجي ساٿي مذمل مرتضيٰ سان گڏ تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
ٻنهي ترڪي جي جوڙي کي شڪست ڏئي ڪنهن به ايونٽ جي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين پاڪستاني جوڙي جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
پنهنجو آخري اي ٽي پي ٽورنامينٽ کيڏندڙ پاڪستان ٽينس ليجنڊ اعصام الحق ۽ مذمل مرتضيٰ اسلام آباد اي ٽي پي چئلينجز جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جنهن سان گڏ هنن ڪنهن به اي ٽي پي ايونٽ جو فائنل کيڏندڙ پهرين پاڪستاني جوڙي جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
ان کان اڳ اعصام الحق اي ٽي پي ورلڊ ٽور ۾ 42 ۽ اي ٽي پي چئلينجرز ۾ 30 فائنل کيڏي چڪو آهي، پر هر دفعي سندس ساٿي غير ملڪي رانديگر هوندو هو.
اي ٽي پي چئلينجرز اسلام آباد جي سيمي فائنل ۾ اعصام ۽ مذمل ترڪي جي جوڙي کي شڪست ڏني.
وائلڊ ڪارڊ داخلا حاصل ڪندڙ پاڪستاني جوڙي ٽئين سيڊ ايليپ هوروز ۽ مارٽ الڪايا کي 1-6، 4-6 تان مات ڏني.
فائنل ۾ اعصام الحق جو مقابلو سيڊ چار چيڪ ريپبلڪ جي ڊومينڪ پالان ۽ قازقستان جي ڊينس ياويساو سان ٿيندو.
واضح رهي ته اسلام آباد ۾ جاري اي ٽي پي چئلينجز جو فائنل اعصام الحق جي ڪيريئرجي آخري ميچ هوندي، ٽينس اسٽار اعصام الحق ويجهڙ ئي پروفيشنل ٽينس تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، هو ڪاميابي سان پنهنجي اي ٽي پي ڪيريئر جي پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.