کير سان گڏ هي شيون نه کائو نه ته بيمار ٿيندئو!

گھڻا ماڻهو صبح جو يا ناشتي سان گڏ سڀ کان پهريان کير پيئندا آهن جيڪو گھڻو ڪري مختلف شيون گڏائي پيتو ويندو آهي، جهڙوڪ ڪيلا، پروٽين پائوڊر، خشڪ ميوا وغيره.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڪجهه شيون کير سان ملائي پيئڻ سان مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا؟

جي ها! هونئن ته کير جا گھڻا فائدا آهن ڇو جو هو وٽامن ۽ معدنيات جو سٺو ذريعو آهي، اهو جسم کي معياري پروٽين فراهم ڪندو آهي. کير پيئڻ سان هڏن جي صحت به بهتر ٿيندي آهي، اهو هڏن جي ڪجهه بيمارين جهڙو آسٽيوپوروسس کي به روڪيندو آهي.

پر ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي کير سان گڏ استعمال نه ڪرڻ گھرجن.

اهي شيون جيڪي کير سان گڏ نه کائڻ گھرجن:

اسان مختلف غذائن کي کير سان ملائي شربتن جو مزو وٺندا آهيون پر هر کاڌي کي ٺيڪ طريقي سان ٻين سان گڏائڻ گھرجي ڇو جو جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته پيٽ ۾ سور، گيس، قبض، يا معدي جي تڪليف جو سبب بڻجي سگھن ٿيون، اهو کير سان به ٿيندو آهي.

1-کير ۽ مڇي

کير ۽ مڇي ٻه ضد واريون غذائون آهن، کير جو تاثير ٿڌو جڏهن ته مڇي جسم کي گرمائش فراهم ڪندي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي اهي ٻئي غذائون اسان جي جسم تي بلڪل مخالف اثر وجهنديون آهن. مڇي کائڻ کان پوءِ کير پيئڻ سان هاضمي جا مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا جيڪي اوهان جي جسم جي ڪيميائي ردعمل کي تبديل ڪري سگھن ٿا ۽ اوهان جي مدافعتي نظام کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگھن ٿا.

2-کير ۽ ڪيلا

ڪيلن ۽ کير کي گڏ کائڻ سان اسان جي جسم جي ميٽابولز تي اثر پئجي سگھي ٿو، اهي جسم ۾ زهريلن مادن کي خارج ڪري سگھن ٿا ۽ هاضمي جي عمل کي متاثر ڪري سگھن ٿا. کير يا ڏهي سان ڪيلن جو استعملا نه ڪرڻ گھرجي، انهن کي کائڻ سان نزلو، کنگهه يا ايلرجي به ٿي سگھي ٿي.

3-کٽڻ ميون سان گڏ يا بعد ۾ کير نه پيئڻ گھرجي

ليمي، اسٽرابيري، آڙو سميٽ اهڙن قسم جي ميون کان پوءِ کير پيئڻ کان پرهيز ڪريو، کير کي عام طور تي هضم ٿيڻ ۾ گھڻو وقت لڳندو آهي، ۽ جڏهن کٽيون يا تيزابيت واريون شيون کير سان گڏ کاڌيون وڃن ته سيني ۾ جلن يا جسم ۾ گيس ٺهڻ جو عمل بڻجي سگھي ٿو.

4-کير سان گڏ هاءِ شگر وارا سيريلز استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريو

نيرن ۾ گھڻا ماڻهو سيريل کائڻ پسند ڪندا آهن، جن کي کير سان گڏ کاڌو ويندوآهي.

ڪوشش ڪريو اهي سيريلز گھٽ ڪيلوريز ۽ گھٽ کنڊ وارا هجن، نه ته ان سان معدي جا مسئلا وڌي سگھن ٿا.

5-دوائون کير سان گڏ نه کائو

رات جو سمهڻ وقت گھڻا ماڻهو پنهنجي دوائن سان گڏ گڏ پيئندا آهن، پر ائين نه ڪريو.

دوا پاڻي سان کائو ۽ ڪجهه وقفي کان پوءِ کير پيئو، دوائن سان گڏ کير پيئڻ سان دوائن جو اثر گھٽجي سگھي ٿو يا اهو صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگھي ٿو.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.