اهي ماڻهو جيڪي ڊائيٽنگ تي آهي انهن کي تجويز ڪيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي روز مرهه جي معاملن ۾ وڌ کان وڌ شربتن يا جوس جو استعمال ڪن ڇو اهي هر هر بک ناهن لڳڻ ناهن ڏيندا ۽ وزن ۾ نمايان گھٽتائي لاءِ فائديمند آهن.
ان کانسواءِ شربتن ۾ شامل جڙيون ٻوٽيون جسم جي ميٽابولزم کي به تيز ڪندا آهن، ۽ ورڪ آئوٽ سان گڏ انهن شربتن کي استعمال ڪيو وڃي ته تيزي سان وزن ۾ گھٽتائي ايندي آهي.
اڄ اسان اوهان کي اهڙن ئي 4 شربتن بابت ٻڌائينداسين جيڪي نه رڳو صحتمند آهن پر انهن ۾ ڪيترائي فائدا لڪيل آهن.
1-گرين ٽي
گرين ٽي اينٽي آڪسيڊنٽس جو خزانو هوندو آهي جيڪو وزن کي متوازن رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي، گڏ ئي ذهني صحت کي بهتر ۽ دل جي هارٽ اٽيڪ کان محفوظ رکندا آهن، گرين ٽي نه رڳو وزن کي متوازن رکڻ ۾ مدد ڏينداآهن پر اهي صحتمند کَلَ ۽ اينٽي ايجنگ جي خاصيت سان مالامال هوندا آهن.
2-دار چيني جي چانگهه
دار چيني جي ڇانهه انسان جي جسم ۾ اسٽريس ليول کي گھٽائيندي آهي ۽ ان کانسواءِ سوڄ به ختم ڪري ڇڏيندي آهي، جسم ۾ شگر ليول کي به متوازن رکڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.
ڪجهه تحقيقن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڪولسٽرول ۽ بلڊ پريشر کي متوازن رکي اها چانهه دل جي عارضي ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچائيندي آهي، ان کانسواءِ اها چانهه هاصمي جي نظام کي به بهتر بڻائينديآهي.
3-ايلو ويرا جوس
ايلوويرا ۾ صحت جا ڪيترائي فائدا آهن، اهو نه رڳو ٻاهريون فائدو پر اندروني فائدو به ڏيندو آهي.
هاضمي جا گھڻا مسئلا ايلوويرا جي جوس سان ختم ٿي سگھن ٿا، ان کانسواءِ ان جو جوس وٽامنز، منرلز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان مالامال هوندو آهي جيڪو مدافعتي نظام کي بهتر بڻائڻ سان گڏ کَلَ کي خوبصورت بڻائيندو آهي.
4-تخم ملنگا جو پاڻي
تخم ملنگا ڪيترن ئي فائدن سان ڀرپور هوندو آهي، ان جو پاڻي به اوهان جا گھڻا مسئلا حل ڪري سگھي ٿو، تخم ملنگا کي پاڻي جي ڀڄايو، جنهن کان پوءِ هڪ جيل جهڙي شيءِ تيار ٿيويندي، ان کي چٻاڙي کائي ڇڏيو.
اهو وزن ۾ گھٽتائي سان گڏ جسم کي هائڊريٽ رکندو آهي ۽ ان ۾ فائبر، اوميگا 3 فيٽي ايسڊس هوندا آهن جيڪي ڪيترين ئي بيمارين کان بچائي سگھن ٿا.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.