لاهور (ويب ڊيسڪ)ماڊل، اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان مٿيرا ويجهڙ ۾ هڪ فئشن شو دوران پنهنجي ريمپ واڪ تي تنقيد ڪندڙن کي ذهني بيمار ۽ ننڍن سوچ رکندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
مٿيرا ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ فيشن شو ۾ ڪيٽ واڪ ڪئي هئي ۽ سندس وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون هيون.
سوشل ميڊيا واهپيدارن مٿيرا جي جسماني بيهڪ تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هاڻي اداڪارا به خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
مٿيرا انسٽاگرام اسٽوري ۾ پنهنجي ريمپ واڪ جون وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏنو.
اداڪارا پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته ”هن ڪيئي ماڻهن کي مون بابت غلط ڳالهيون ڪندي ڏٺو ۽ پڙهيو ۽ هوءَ خوش آهي ته انتظاميا کيس شو ۾ اچڻ جي دعوت ڏني.“
هن بنا سبب تنقيد ڪندڙن کي چپ رهڻ جي صلاح ڏيندي لکيو ته ”مان ڪجھه غلط ناهي ڪيو، پر ذهني طور بيمار ماڻهو مون بابت بيڪار ڳالهيون ڪري رهيا آهن.“
مٿيرا پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته سندس گوڏي جو آپريشن ٿيو هو، کيس ٿائرائيڊ جا مسئلا رهيا آهن ۽ ماڻهو هن جي جسماني بيهڪ بابت اهڙي قسم جو رويو اختيار ڪري رهيا آهن.
هن جنهن سوشل ميڊيا پيج جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو، ان کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ لکيو ته ڄاڻايل پيج ۽ اهڙي قسم جي ٻين پيجز ۽ ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي.
مٿيرا لکيو ته ”مون کي دنيا جي ڪا پرواهه ناهي، مان خوبصورت آهيان، دنيا ۾ پنهنجي اصولن تي هلنديس، مون کي فخر آهي ته مان وڏي ڇوڪري آهيان ۽ سماج ننڍڙي سوچ وارن ماڻهن سان ڀريو پيو آهي.“
You might also like