ڪارونجهر ڪيس/ هائوس آڏو ڌرڻو
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عدالتي فيصلي خلاف آئيني عدالت ۾ اپيل ڪرڻ ۽ ڪيس آئيني عدالت منتقل ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ قانون دان رستن تي نڪري آيا. جڏهن ته وڪيلن سنڌ حڪومت کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي. سنڌهاءِڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران ٿرپارڪر جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي ڪارونجهر جبلن جي ڪٽائي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وزير اعليٰ هائوس تائين هڪ پرجوش احتجاجي ريلي ڪڍي وئي .ريلي ۾ وڪيلن جي وڏي انگ سپريم ڪورٽ کان مارچ ڪيو ۽ ڪارونجهر جي تحفظ جي حق ۾ زوردار نعرا هنيا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي رکيا هئا. وڪيلن چيو ته نگران حڪومت جو جبلن کي ليز تي ڏيڻ جو فيصلو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهي ۽ احتجاج ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين هي فيصلو واپس نه ورتو ويندو.جيئن ئي اهي وزير اعليٰ هائوس پهتا، پوليس ڪنٽينر رکي رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون، ڪيترائي وڪيل ڪنٽينر تي چڙهي ويا. ريلي کي خطاب ڪندي وڪيلن ۽ اڳواڻن چيو ته سنڌ جا باشعور ماڻهو جاڳي پيا آهن، هاڻي هر ڪو سنڌ جي حقن جو محافظ بڻجي چڪو آهي. انهن نگران حڪومت جي قدم جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهي پرامن طور تي پنهنجا جائز مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ آيا آهن. آخرڪار، اعلان ڪيو ويو ته پندرهن ڏينهن کان پوءِ هڪ ٻيو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو، ۽ واضح ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ صوبائيت جي سياست کي رد ڪيو ويندو.صدر ڪراچي بارعامر وڙائچ چيو ته سي ايم ها هائوس ۾ ڳالهين لاءِ دعوت نامو مليو،اسان قانون واري وزير سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.هن چيو ته ڳالهين لاءِ هڪ غير جانبدار سينئر وزير موڪليو وڃي.سنڌ حڪومت کي پنهنجي اپيل واپس وٺڻ گهرجي.اسان وفاقي آئيني عدالت کي تسليم نٿا ڪريون.اسان ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ هر سطح تي احتجاج ڪنداسين . ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه وڪيلن جو چارٽر آف ڊيمانڊ ورتو. هن ميِڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪارونجهر تي ساڳيو موقف آهي جيڪو وڪيلن جو آهي، ناصر شاهه چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ٻين معاملن تي بحث لاءِ دروازا کليل آهن. مون کي ڪارونجهر چارٽر مليو آهي، مان ان کي هاڻي اسيمبلي ۾ وڏي وزير کي پيش ڪندس. وڏو وزير سنڌ اسيمبلي ويو آهي.مان توهان جا مطالبا سندس سامهون رکندس.ڪارونجهر جي مسئلي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو هي موقف آهي.ڪارپوريٽ فارمنگ جي مسئلي تي مختلف رايا آهن.مان ڪارپوريٽ فارمنگ جي مسئلي تي توهان سان صلاح ڪندس. موري ۾ ڪارونجهر جبل بابت سنڌ حڪومت جي اپيل کي آئيني عدالت ۾ منتقل ڪرڻ خلاف مورو بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وڪيل اڳواڻن فيصلي کي سنڌ جي وسيلن ۽ قومي ورثي سان ناانصافي قرار ڏيندي چيو ته ڪارونجهر جبل سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت سنڌ کان ڌار ڪرڻ قبول نه ڪيو ويندو احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري امين الدين خاصخيلي، گلزار عالماڻي، سبحان زرداري، آڪاش ڪورائي، محبوب قريشي، وقار ٻلال، مشرف ميمڻ، سجاد شاهه، نذير ڏاهري، سعيد سومرو ۽ ٻين ڪئي . دادو ضلعي ۾ عدالتن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو، جنهن سبب سيشن ڪورٽ، سول ڪورٽ سميت سڀني عدالتن ۾ ڪاروائي نه ٿي.عبدالخالق ٻگهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدليه جي آزادي خلاف ڪنهن به قسم جو قدم برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر ۽ ڊسٽرڪٽ بار سکر جي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ۾ ڊسٽرڪٽ بار سکر جو صدر علي احمد خان ،ذوالفقار ملاڻو، راهب ملانو،قربان ڪلوڙ ،وقار بوزدار ۽ ٻيا شامل هئا. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور پاران ڪارونجهر جو ڪيس آئيني عدالت منتقل ڪرڻ واري عمل خلاف سيشن ڪورٽ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر سيد جعفر علي شاھ محمد جمن سهتو سجاد سولنگي علي احمد تنيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ڪارونجھر جبل جي تحفظ لاءِ ميرپورخاص وڪيل برادري احتجاج ڪندي عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو، وڪيل اڳواڻن چيو آهي ته ڪارونجھر جو استحصال سنڌ جي تاريخ، سڃاڻپ ۽ ورثي تي سڌو حملو هوندو، ڪارونجھر رڳو جغرافيائي هنڌ نه پر سنڌ جي ثقافت، روحاني عظمت ۽ ماحولياتي سڃاڻپ جو اهم حصو آهي. مٽياري ۾ وڪيلن ڪارونجهر جبل جي مبينا ڪٽائي ۽ زمينن جي استحصال خلاف مٽياري بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي عدالتن جي سمورين ڪارواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو.بار ايسوسيئيشن موجب ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ سڄي سنڌ جي قانوني برادري ۽ شهري سماج کي گڏيل آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هي جبل ۽ ان جي زمينون سنڌ جي تاريخ، ماحوليات ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل سان جڙيل آهن،