ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وڪيلن کي آئيني عدالت نه پئي وڻي، وڪيلن جو ڪم دليل ڏيڻ آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي وسيلن کي گڏ ڪري ڪم ڪندا آهيون، جنهن تحت پرائيويٽ سيڙپڪاري به ايندي آهي. ماڻهن جو خيال هو ته ٿرڪول ڪنهن ڪم جو ناهي، پر اڄ ڏسو ته اتي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جيئن ٿرڪول تي ماڻهن کي قائل ڪيو ويو، ائين ڪارونجهر تي به قائل ڪبو.مراد علي شاهه چيو ته ٿرڪول جي به مخالفت ڪئي وئي هئي، پر اسان ماڻهن کي قائل ڪيو. هن چيو ته ڪارونجهر اسان جو اثاثو آهي ۽ ان کي نقصان پهچڻ نه ڏينداسين، جيڪو ترقي جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجندو، ان کي قائل ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته آئيني عدالتن جي جوڙجڪ وارو معاملو ضروري هو، 27هين ترميم ذريعي اهو حل ڪيو ويو. روڊ تي اچي احتجاج ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، احتجاج عوام کي تڪليف ڏيڻ درست ناهي. هڪ سوال تي مراد علي شاهه چيو ته بلدياتي ايڪٽ ۾ ترميم تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ڪنهن جي دٻاءَ هيٺ ڪم ناهيون ڪندا، اين ايف سي واري معاملي تي اسان جا خدشا آهن ۽ ان بابت وزيراعظم سان ڳالهيون ڪندا آهيون. ان کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي سمنڊ ڪناري پاڪستان جي سفارتي راڄڌاني بڻجي چڪي آهي، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ قونصليٽ ۽ عالمي ادارا موجود آهن، ڪراچي جو مزاج عالمي، رواداري ۽ سفارتي سرگرمين لاءِ موزون آهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چائنا–آفريقا اينڊ ايشيا اڪنامڪ ٽريڊ ڪوآپريشن جي وفد ۽ لويانگ ماڊرن بائيو لاجي جي نمائندن سان هڪ اهم اجلاس جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ بائيو ٽيڪنالاجي، زرعي جدت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻن طرفي ۽ ٽن طرفي تعاون جون تجويزون زير بحث آيون ۽ انهن تي اتفاق پڻ ڪيو ويو. وڏي وزير کي ترقي لاءِ تيار صوبو قرار ڏيندي چيو ته ان جون ھڪ ڪروڙ 40 لک ايڪڙ زرخيز سرسبز ۽ وڌندڙ صنعتي زونن سنڌ لاءِ وڏي صلاحيت رکندا آهن. اجلاس سي ايمٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ، گھرو صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار، صوبائي وزير فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ محمد علي ملڪاڻيٰ . سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. چيني وفد جي اڳواڻي هو يوي جائو ڪري رهيا هئا ،اجلاس ۾ مختلف ممڪن شعبن ۾ تعاون بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جن ۾ ڪراچي يا حيدرآباد ۾ بائيو ٽيڪنالاجي ريسرچ اينڊ ڊويلپمينٽ ليبارٽريون قائم ڪرڻ، موسمياتي تبديليءَ سان ٺهڪندڙ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ فصلن جي ٽيڪنالاجي جي منتقلي، اسمارٽ فارمنگ سسٽم ۽ جديد ٻج تحقيق جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ بائيو فرٽيلائزر پيدا ڪندڙ يونٽس جو قيام شامل هئا.