اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اينڪرپرسن عاصمه شيرازي چيو آهي ته هڪ ڊگهي عرصي بعد ميان نواز شريف ڳالهايو آهي،هن خاموشي تڏهن ٽوڙي، جڏهن ضمني چونڊن ۾ واضح ڪاميابي ملي. اڄ هن چيو ته عمران خان جو جيڪو ‘ڏوهه’ آهي، ان کان به وڏو ڏوهه انهن ماڻهن جو آهي، جن کيس آندو، سوال اهو آهي ته اهي ڪير ڪردار هئا جن عمران خان کي اقتدار تائين آندو، ۽ جن جو احتساب ميان نواز شريف چاهي ٿو؟هن چيو ته قومي اسمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي سادي اڪثريت ملي وئي آهي، پر سينيٽ ۾ اڪثريت اڃا انهن وٽ ناهي. گذريل ڏينهن رانا ثناءُالله چيو ته بجيٽ کان اڳ اٺاويهين ترميم پيش ٿي سگهي ٿي، ۽ اين ايف سي پڻ ان ۾ اهم ايجنڊا ٿي سگهي ٿو. ڇا پاڪستان پيپلزپارٽي هن معاملي ۾ گڏ بيهندي؟ٻئي پاسي سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته نوازشريف عمران کي آڻيندڙن جي احتساب جو مطالبو ته ڪري ڇڏيو پر ڪنهن جو نالو نه کنيو،ٻه سال اڳ شهبازشريف ٽن ماڻهن جا نالا منهنجي سامهون کنيا هئا انهن مان رڳو هڪ جو احتساب ٿي رهيو آهي،باقي صاحبن جو احتساب ڪو مشڪل ناهي، ڇو ته اڄ جي وزيراعظم جي گواهي آهي.