ننگرپارڪر(ت ر)ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران ڪارونجهر واري ڪيس ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت پاران وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل ڪرايل اپيل واري درخواست واپس وٺڻ لاءِ پراڻي پريس ڪلب ننگرپارڪر آڏو بک هرتالي ڪيمپ لڳائي وئي،بک هڙتالي ڪيمپ ۾ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن ۽ مقامي ماڻهن الھرکيو کوسو، مصطفي دل، جان محمد شورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو سياحتي، ثقافتي، تهذيبي ماڳ هئڻ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آهي. عوامي پارٽي سڏرائيندڙ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ ۽ عوامي راءِ کي تسليم ڪرڻ بجاءِ طاقتور ڌرين جي فرمائش تي آئيني عدالت ذريعي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو واپس ڪرائڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته سنڌ جو ماڻهو ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ نه ڏيندو