اسلام آباد (بيورو) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، جنرل ساحر شمشاد مرزا جي اعزاز ۾ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز ۾ الوداعي تقريب منعقد ٿي، ٽنهي هٿياربند فوجن جي چست دستن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، تقريب ۾ اڳوڻا چيئرمينز ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن سينيئر آفيسر به موجود هئا، جنرل ساحر شمشاد مرزا 40 سالن تائين پاڪستان آرمي ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، جنرل ساحر شمشاد مرزا خطاب ڪندي چيو ته الله تعاليٰ جي مدد سان لگن، پيشاورانه مهارت ۽ نيت سان پنهنجا فرائض ادا ڪيا، وطن جي دفاع ۾ پاڪ فوج جي لازوال قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو، هيٿاربند فوجن جي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن چيو ته مضبوط قومي دفاع، قومي سلامتي جو بنيادي ٿنڀ آهي، ملڪ جو دفاع ناقابل تسخير آهي ۽ بهادر آفيسر ۽ جوان هر وقت دفاع وطن لاءِ تيار آهن.