ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)دنيا ميڊيا گروپ جي چيئرمين ميان عامر محمود چيو آهي ته ملڪ پنهنجي صلاحيت موجب ترقي نٿو ڪري، ننڍا صوبو ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون.آءِ او بي ايم ڪورنگي ڪریک ۾ "2030 جو پاڪستان: چيلنجز، امڪانات ۽ نيون راهون” نالي قومي آگاهي مهم جي سيشن سان خطاب ڪندي ميان عامر محمود چيو ته اسان کي ڏسڻو پوندو ته اسان جا پاڙيسري ملڪ ڪيتري تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيا آهن، پنجاب آباديءَ جو 52 سيڪڙو آهي، جڏهنتہ باقي ٽي صوبا گڏجي 48 سيڪڙو بڻجن ٿا. پنجاب جي آبادي 13 ڪروڙ آهي جڏهنتہ سنڌ جي آبادي لڳ ڀڳ 5.5 ڪروڙ آهي. اسان اڃا تائين ڪراچيءَ جي آبادي جو صحيح تعين نه ڪري سگهيا آهيون، ڪو 2 ڪروڙ ٿو چوي، ڪو 3 ڪروڙ.ورلڊ بئنڪ هڪ رپورٽ ۾ لکيو آهي ته 100 سالن جو پاڪستان ڪهڙو هوندو؟ پاڪستان ۾ رڳو 5 شهر اهڙا آهن جتي ترقي نظر اچي ٿي، انهن کانسواءِ اسين ڪو اهڙو شهر نه ٺاهيو جيڪو مڪمل ضروري سهولتون رکي،هن چيو ته ادارا مضبوط نه هئڻ سبب ڪرپشن وڌي آهي. بلدياتي نظام عوامي مسئلن جو بهترين حل آهي، پر هر جمهوري حڪومت اچڻ شرط ان کي ختم ڪري ٿي.هن چيو ته ننڍا صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ آسان ٿيندو. اسين ڪرپشن انڊيڪس ۾ آخري نمبرن تي آهيون. ادارا آزاد نه هئڻ سبب ميرٽ ختم ٿي وڃي ٿي، ۽ ڪرپشن وڌي ٿي.لوڪل گورنمينٽ اصل خدمت لاءِ هوندي آهي پر جمهوريت اچڻ شرط ان کي ختم ڪيو وڃي ٿو.اسان جو عالمي رينڪنگ خوفناڪ آهي،انساني ترقي واري انڊيڪس ۾ 193 مان 168هين تي،قانون جي حڪمراني ۾ 142 مان 129هين نمبر تي،عالمي بک واري انڊيڪس ۾ 109هين نمبر تي آهي،44 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار، 25 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ هي تعداد هر سال وڌي رهيو آهي ٻي ڳاله ته ملڪ هوندو ته اسٽيبلشمينٽ به هلندي.
اسٽيبلشمينٽ نون صوبن لاءِ سنجيده ناهي
ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ملڪ ۾ چار وڏيون پارٽيون پ پ،مسلم ليگ ن،ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ آهن ۽ پنجين وڏي پارٽي فوج آهي،ڪورنگي ۾ ايپ سيپ جي اهتمام هيٺ تقريب ۾ هن ميان عامر محمود کي مخاطب ٿيندي چيو ته چار وڏيون پارٽيون نوان صوبا ٺاهڻ ۾ دلچسپي نٿيون رکن،اسٽيبلشمينٽ به هر اليڪشن کان اڳ نون صوبن جو شوشو ڇڏيندي آهي،ڏکڻ پنجاب ۾ ته اميدوار نئين صوبي جي نعري جي بنياد تي ئي چونڊجي ايندا آهن،هن چيو ته مان به چوان ٿو ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن پر اهو ڪيئن يقين ڪريان ته اسٽيبلشمينٽ به نوان صوبا ٺاهڻ چاهي ٿي؟اسٽيبلشمينٽ موجوده سسٽم هلائڻ چاهي ٿي،نيشنل ڊفينس يونيورسٽي مان جيڪڏهن قرارداد پاس ٿئي ته ضمانت ڏيان ٿو نوان صوبا ٺهي ويندا.
18هين ترميم خلاف جلد نئون بحث ڇڙڻ وارو؟
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار اجمل جامي چيو آهي ته نون صوبن جي بحث ۾ ميڊيا هائوسز کان علاوه جن ماڻهن تي توهان کي نظر رکڻ گهرجي، انهن ۾ هڪ اڳوڻو سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ گذريل نگران سيٽ اَپ جو حصو رهندڙ ڪنور دلشاد به شامل آهن۔ منهنجي اطلاع مطابق جنهن ٿنڪ ٽينڪ / اداري ۾ نون صوبن جو نقشو تيار ڪيو پيو وڃي، ڪنور دلشاد به ان جو حصو آهن، هن چيو ته تمام جلد ڪنور دلشاد ۽ ٻيا ماڻهو 18هين ترميم تي پڻ سخت تنقيد ڪندا ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته اها ترميم ڪنهن غير ملڪي ٿنڪ ٽينڪ جو ٺاهيل منصوبو هئي، جنهن سان پاڪستان کي ڪو به فائدو نه مليو.
ڪراچي صوبي جو آواز ڏکڻ پنجاب کي خاموش ڪرڻ لاءِ آهي: تجزئي نگار
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)تجزئي نگار ضيغم خان چيو آهي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ڪراچي آهي،باقي ضلعا پٺتي پيل آهن،ترقي يافته ڪراچي پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڇو ٿو ڪري؟ اهو آواز ان ڪري اٿندو آهي ته پنجاب مان اٿندڙ آواز کي خاموش ڪري سگهجي،ڏکڻ پنجاب بدترين تفريق جو شڪار آهي ۽ ان کي حل ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي،هن چيو ته هڪ صوبو توهان جو اڌ پاڪستان آهي جنهن جي آبادي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي،جيڪڏهن اهو ملڪ هجي ته دنيا جو 12هون نمبر وڏو ملڪ هوندو،ڏکڻ پنجاب سڀ کان وڌيڪ ڪپهه،ڪڻڪ پيدا ڪندو آهي،اڄ به اهو فروٽ باسڪٽ آهي،وسيلا ۽ معدنيات هئڻ باوجود سڀني کان پٺتي آهي،ڇو؟اتي توهان ڪجهه نٿا لڳايو،هن چيو ته صوبي جي اشرافيه اختيار ورهائڻ نٿي چاهي نه ئي اها مڪاني نظام ڏيڻ چاهي.
رڳو پنجاب ورهائڻ جي ڳالهه سازش آهي : فواد چوڌري
لاهور(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي ورهاست رڳو پنجابي قوم کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ـــ جتي انتظامي حالتون پنجاب کان ڪيترائي ڀيرا خراب آهن ، انهن کي ورهائڻ جو مطالبو نٿو ڪيو وڃي، پر رڳو پنجاب جي ورهاست جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ته ان جو صاف مطلب آهي ته پنجابي قوم خلاف سازش ڪئي پئي وڃي. پنجابي اهڙي ڪنهن به سيٽ اپ کي قبول نه ڪندا۔