نصيرآباد (پ ر) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ قاضي علي نواز ۽ جنرل سيڪريٽري اثر امام چيو آهي ته ستاويھين آئيني ترميم جا خطرناڪ نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي ملڪ جا وسيلا ڦٻائڻ ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو آهي۔پارٽي اڳواڻن سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جي تاريخي ۽ قدرتي ورثي ڪارونجھر جبل بابت هلندڙ ڪيس کي سپريم ڪورٽ مان ڪڍي وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جيئن وڏن ڪارپوريٽ ۽ رياستي مفادن کي فائدو پهچائي سگهجي،اڳواڻن سنڌ وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو ته ڪارونجھر سميت ڪنهن به قدرتي وسيلن تي زبردستي، آئيني چالبازي يا جبر جي هر ڪوشش جو سخت مزاحمتي ردعمل ڏينداسين۔