لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي قائد ميان نوازشريف چيو آهي ته عمران خان اڪيلو ڏوهاري نه هو انهي کي آڻيندڙ انهي کان وڏا ڏوهاري هئا انهن کان به پورو حساب وٺڻ گهرجي. اسان پاڻ فيصلا نٿا ڪري سگھون، اسان جا فيصلا ٻاهرين جي هٿ ۾ آهن، اهي فيصلا اسان نه ڪيا آهن، تحريڪ انصاف انهن فيصلن کي ٻاهرين جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو، ٻي صورت ۾ اڄ اسان ڪٿي هوندا؟ ضمني چونڊن ۾ نون چونڊيل نمائندن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ ڪوڙ، گارين،بدتميزي، بدتهذيبي ۽ فتنن کي شڪست ٿي آهي، پاڪستان مسلم ليگ ن کي ڏيڍ سال ۾ ڪيل خدمت جي نتيجي ۾ ننڍي چونڊن ۾ ڪاميابي ملي آهي، پي ٽي آءِ چيو هو ته اسين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪنداسين، بائيڪاٽ ائين ٿيندو آهي، عمر ايوب جي زال چونڊن ۾ حصو وٺي رهي هئي، پر عوام پنهنجن ووٽن سان ڪارڪردگي جي بنياد تي فيصلو ڪيو، شهباز شريف ۽ مريم نواز کي شاباش پيش ڪريان ٿو جنهنن محنت سان ڪم ڪري اهو مقام حاصل ڪيو جيڪو اسان وڃائي چڪا هئاسين، پاڪستان اڏام ڀري چڪو آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ٻئي کي چور، ڊاڪو چوڻ وارا پاڻ چور ثابت ٿيا آهن، 2017 ۾ ملڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، انهن ملڪ جو جيڪو حال ڪيو آهي، سڄي قوم ان جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي، 2017 ۾ ملڪ ڪٿي وڃي رهيو هو ۽ ڪٿي پهچي ويو؟ توهان سڀني پنهنجي اکين سان ڏٺو، ترقي جي اوسر وڌي رهي هئي. مهانگائي 3 سيڪڙو هئي ۽ ان کي 39 سيڪڙو تائين پهچايو ويو، جيڪا هاڻي 4 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، نواز شريف چيو ته جيڪڏهن 2017 واري ترقي جو رفتار جاري رهي ها ته اڄ آءِ ايم ايف جي ڳڻتي نه هجي ها، ن ليگ جي وڃڻ کان پوءِ سموري تباهي ٿي، ملڪ جو ستياناس ڪيو ويو، ضمني چونڊن ۾ عوام ن ليگ کي عزت ڏني ۽ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، مريم نواز ۽ شهباز شريف مون کان اڳتي نڪتيون آهن.نواز شريف ياد ڏياريو ته 1999 ۾ پرويز مشرف جي مارشل لا لاڳو ڪرڻ وقت سعودي ريال جي قيمت 11 رپيا هئي، جيڪا اڄ تقريباً 78 رپيا ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي پاڪستانين جي زندگي کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي مسلم ليگ (ن) جي قائد چيو ته پاڪستان آزادانه طور تي فيصلا نٿو ڪري سگھي، ڇاڪاڻ ته اهو آءِ ايم ايف تي مدار رکي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي ترقي جي رفتار اهڙي ريت جاري رهي ها ته ڪنهن کي خبر، اڄ اسين ڪٿي هجون ها. نه آءِ ايم ايف جو ڳڻتي هجي ها نه مٽا سٽا جي ذخيرن جي گهٽجڻ جو خوف هجي ها. اسان جا ذاتي فيصلا پرڏيهين جي هٿ ۾ آهن.