اي چالان کي رڳو ڪمائي جي مشين نه بڻايو وڃي

رپورٽون آهن ته ٽريفڪ پوليس ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اي چالان ڪيا ويا آهن. ٽريفڪ جي ڀڃڪڙين تي 93 هزار کان وڌيڪ اي چالان جاري ڪيا ويا. انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ چالان سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي ڪيا ويا جڏهن ته 22 هزار کان مٿي چالان موٽر سائيڪل سوارن کي هيلمٽ نه پائڻ سبب چالان ڪيو ويو. جڏهن ته ڊمپر، ٽررالر ۽ پاڻي ٽينڪرن تي تيز رفتاري سبب گهڻا چالان ٿيا. ائين عام تيز رفتاري، سگنل توڙڻ وغيره تي اي چالان  ڪيا ويا. لڳي ٿو ته ان ڪمائي کي ڏسندي موٽر سائيڪل تي ويٺل سمورن ماڻهن لاءِ پڻ هيلمٽ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ان جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ پڻ اي چالان ٿيندا. ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب هيلمٽ جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ 500 روپيا نه پر 5000 روپيا هوندو.

گذريل ڪجهه مهينن کان سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ ٽريفڪ نظام کي جديد بڻائڻ جي نالي تي اي-چالان جو جيڪو سلسلو هلي پيو آهي، اهو پنهنجي مقصد کان وڌيڪ هڪ ڪمائي واري مشين بڻجي چڪو آهي۔ اي-چالان جو اصل مقصد ٽريفڪ جي بهتري، روڊ سيڪيورٽي ۽ نظم و ضبط هو، پر عملي صورتحال انهيءَ مقصد جي بلڪل ابتڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن ته دنيا جي شهرن ۾ ٽريفڪ چالان جو مقصد صرف پئسا گڏ ڪرڻ نه هوندو آهي، پر انهن پيسن کي وري ٽريفڪ نيٽ ورڪ، سائن بورڊ، فوٽ پاٿ، روشني ۽ سيڪيورٽي انفراسٽرڪچر تي خرچ ڪيو ويندو آهي. پر ڪراچي ۾ صورتحال بلڪل مختلف آهي، هتي اي-چالان کي ٽريفڪ سڌارن کان وڌيڪ ريوينيو جنريٽر طور استعمال ڪيو پيو وڃي. شهر جي ماڻهن جو هڪ وڏو ۽ جائز سوال آهي ته جيڪڏهن اي-چالان مان ڪروڙين رپيا وصول ٿين ٿا، ته پوءِ روڊن جي حالت ڇو نه ٺهي؟

جيڪڏهن حڪومت عوام کان وصول ڪيل رقم کي شهرن جي سڌاري ۾ نه لڳائي، ته پوءِ اهو عمل منصفاڻي ڪيئن چئي سگهجي ٿو؟ اي-چالان مان حاصل ٿيندڙ پئسو ڪٿي ٿو وڃي؟ اصولي طور انهن پيسن مان هيٺين ڪم ٿيڻ گهرجن. ٽٽل روڊن جي فوري مرمت، ٽريفڪ سائنن ۽ سگنلن جي انسٽاليشن، روڊ سيڪيورٽي پروگرام، پنڌ پار ڪرڻ جا جديد نظام، ٽريفڪ پوليس جي تربيتي ۽ ٽيڪنيڪل اپگريڊ، ڪيمرائن جي سار سنڀال ۽ نئين ڪوريج ايريا، پر عملي طور تي نه روڊ ٺهن پيا، نه سائن اپڊيٽ ٿين ٿا، نه ٽريفڪ پوليس جي تربيت بهتر ٿي آهي، نه ڪيمرائن جو نيٽ ورڪ مڪمل ڪوريج ڏئي ٿو. ان جي بدران، عوام تي وڌيڪ ڏنڊ، وڌيڪ پريشاني، ۽ وڌيڪ مالي بار وڌندو پيو وڃي.

پنجاب ۽ ڪراچي ٻنهي شهرن جي ڏنڊن جي شرح ۾ زمين آسمان جو فرق هڪ ٻيو اهم سوال جيڪو ڪراچي وارن جو جواز آهي، اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڏنڊ پنجاب جي ڀيٽ ۾ ايترو مهانگو ڇو؟، پنجاب ۾ گهڻا ڏنڊ 200، 300 يا 500 رپين تائين محدود آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ اوور اسپيڊنگ: 2,000 – 3,000، غلط پارڪنگ: 1,000 – 2,000، هيلمٽ نه هڻڻ: 500 – 1,000، لائسنس، فٽنيس يا روٽ پرمٽ جا ڏنڊ وڌيڪ سخت ۽ مهانگا ڇو آهن، ڇا ڪراچي جا ماڻهو پنجاب کان وڌيڪ امير آهن؟، ڇا ڪراچي جي معيشت پنجاب کان مضبوط آهي؟، يا ڇا ڪراچي ۾ قانون جو مقصد نظم نه، بلڪه ڪمائي آهي؟، ڏندن جي شرح جو فيصلو ڪنهن ريسرچ، ٽريفڪ ڊيٽا يا معاشي حالت ڏسي ڪيو ويو؟.

اي-چالان کي رڳو ڪمائي نه، عوامي خدمت بڻايو، هن سسٽم کي صحيح رستي تي آڻڻ لاءِ حڪومت کي فوري طور تي هي قدم کڻڻ گهرجن. اي-چالان مان حاصل ٿيندڙ رقم جو شفاف حساب ڪتاب جاري ڪيو وڃي. ڏنڊ وڌائڻ کان اڳ روڊن جي مرمت، سائن ۽ سگنل مڪمل ڪيا وڃن. پنجاب جيان مناسب ۽ عوام دوست ڏنڊ مقرر ڪيا وڃن. هر چالان لاءِ روڊ تي واضح نشانين، ليڪن ۽ قانوني ثبوت جو هجڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. ٽريفڪ پوليس لاءِ تربيت ۽ جديد اوزار مهيا ڪيا وڃن. عوام سان مشاورت کان سواءِ ڏنڊن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي. ڪراچي لاءِ هڪ مخصوص ٽريفڪ ريگوليشن پلان تيار ڪيو وڃي جيڪو عالمي شهري معيارن مطابق هجي.

پر هتي حقيقت اها آهي ته اي-چالان پنهنجي اصل مقصد کان پري هٽي ڪري غير متوازن ۽ مهانگو نظام بڻجي چڪو آهي. جڏهن روڊ ٽٽل، سائن غائب، نظام ڪمزور، ۽ ڏنڊ حد کان وڌيڪ هجن، ته پوءِ عوام جا خدشا بلڪل جائز آهن. قانون تڏهن مؤثر ٿيندو آهي جڏهن اهو منصفاڻو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.