ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي بورڊ آف روينيو ۽ سينٽرل انٽيليجنس سيل اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي نالي سان رجسٽرڊ ٻن بينڪ لاڪرز مان 13 لک آمريڪي ڊالر ۽ 10 ڪلو سون هٿ ڪري ضبط ڪيو ويو آهي.
نيشنل بورڊ آف روينيو جي عملدارن موجب، اهي لاڪرز عدالتي حڪم تي کوليا ويا، جن مان وڏي مقدار ۾ رقم ۽ سونا زيور هٿ آيا.
ياد رهي ته گذريل سال بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن کانپوءِ وزيراعظم حسينه واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي هئي.
You might also like