آمريڪي قونصل جنرل گڊمن جي ٽيم يو ايس اي کي فتح تي مبارڪباد

ڪراچي(پ ر) آمريڪي قونصل جنرل چارلس گُڊمن نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ آمريڪا ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ 40 سالن کان مٿي عمر وارن ڪرڪيٽرن جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ميچ ۾ شرڪت ڪئي. جتي هن ٽيم يو ايس اي جي ھمت افزائي ڪئي ۽ راندين وسيلي قومن جي گڏجڻ واري ڪردار کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي سنڌ مان “انگلش ايڪسز” پروگرام جي 500 کان وڌيڪ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي، جن پاڪستان جي من پسند راند ڪرڪيٽ جو لطف ۽ تجربو حاصل ڪيو. قونصل جنرل گُڊمن ميچ کان اڳ سينئر اسپورٽس رپورٽرن سان ڳاله ٻولھ ڪئي ۽ اسٽيڊيم جي ڪمنٽري باڪس مان سڌو سنئون تبصرو ڪيو. ٽيم يو ايس اي جي ڪاميابي کان پوءِ هن رانديگرن کي مبارڪباد ڏني، ٽرافيون ورهايون، ۽ سري لنڪن ٽيم جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. انهن چيو ته راندين جا اهڙا مقابلا نه رڳو لاڳاپن کي مضبوط ڪن ٿا پر ماڻهن کي به هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جو سبب بڻجن ٿا،انٽرنيشنل ماسٽرز ڪرڪيٽ اوور 40 ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ 12 بين الاقوامي ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. هي ٽورنامنٽ 21 نومبر کان 1 ڊسمبر تائين ڪراچي جي پنجن مختلف هنڌن تي 42 ميچن تي مشتمل آهي. پاڪستان ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ هن سيريز ۾ اڳوڻا ٽيسٽ ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر ٻيهر ميدان ۾ لھي رھيا آھن. ڪپتان محمد فرّخ ۽ نائب ڪپتان زيشان محمد جي قيادت ۾ ٽيم يو ايس اي آمريڪا ۾ ڪرڪيٽ کي ھٿي ڏيئي رهي آهي. ان موقعي تي قونصل جنرل گُڊمن چيو، "راندين ۾ سرحدن، ثقافتن ۽ قومن کي متحد ڪرڻ جي صلاحيت آهي. پاڪستان ۾ آمريڪي مشن نوجوانن کي ھڪٻئي سان سان سڌي ريت گڏ جڻ ۽ گڏيل ڀائيواري کي ھٿي ڏيئڻ وارين سرگرمين لاء سھڪار جي حمايت ڪري ٿو،  جنهنجو مثال اڄ ڪراچي ۾ منعقد ٿيل يو ايس اي–سري لنڪا ڪرڪيٽ ميچ پڻ آهي.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.