قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر جي راڄڌاني قاهرا ۾ غزه جنگ بندي معاهدي تي عملدرآمد بابت ٿيندڙ ڳالهين ۾ حماس طرفان هٿيار جمع ڪرائڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، قاهرا ۾ جاري ڳالهين ۾ حماس جي قيادت محمد درويش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وفد ۾ خليل الحيه، نزار عودالله ۽ ظاهر جبارين پڻ شامل آهن.
رپورٽن موجب، ڳالهين ۾ حماس کانسواءِ ٻيون فلسطيني تنظيمن جهڙوڪ اسلامي جدوجهد، پاپولر فرنٽ، ڊيموڪريٽڪ فرنٽ، پاپولر ريزسٽنس ڪميٽيز ۽ فلسطين نيشنل انيشيئٽو سان به اهم صلاح مشورا جاري آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳالهين جو بنيادي مقصد غزا ۾ عبوري انتظامي ڍانچي تي اتفاق ڪرڻ ۽ هڪ آزاد ٽيڪنوڪريٽ ڪميٽي قائم ڪرڻ آهي، جيڪا مستقبل ۾ فلسطيني قومي مفاهمت واري عمل جو بنياد بڻجندي ۽ حماس جي جاءِ تي غزا جا معاملا سنڀاليندي.
ياد رهي ته تازيون ڳالهيون صدر ٽرمپ جي تجويز تحت شرم الشيخ ۾ طئي ٿيل ٽرمپ معاهدي جي ٻئي مرحلي جي تياري جو حصو آهن، جنهن جو مقصد ڊگھي مدي واري جنگ بندي کي ممڪن بڻائڻ آهي.
هن جنگ بندي معاهدي تحت غزا جي حڪومت حماس جي جاءِ تي ٽيڪنيڪل ڪميٽي هلائيندي، جنهن جي جوڙجڪ اٽڪل آخري مرحلن ۾ آهي.
ان کانسواءِ معاهدي تحت حماس کي پنهنجا هٿيار غزا لاءِ گڏيل قومن جي سربراهي هيٺ جُڙندڙ مختلف ملڪن جي امن فوجن جي حوالي ڪرڻا پوندا.
حماس بار بار ٽياڪڙين کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري چڪي آهي ته اهو رڳو تڏهن ممڪن آهي جڏهن غزا جي نئين حڪومت ۽ فوج ۾ فلسطيني نمائندگي ڀرپور هجي، پر هاڻي چيو پيو وڃي ته اڄ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ان معاملي تي خاص اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
حماس جو چوڻ آهي ته جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اسرائيل 497 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن ۾ 342 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي هڪ اعليٰ سطحي آمريڪي وفد به مصري حڪومت سان ملاقات ۾ شرم الشيخ معاهدي جي ٻئي مرحلي جي نفاذ، ڊگھي مدي واري جنگ بندي جي طريقيڪار ۽ امڪاني بين الاقوامي فورس ۾ مصري ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
غزا ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي جوڙجڪ ۽ حماس طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري معاملي تي اهم اڳڀرائي
You might also like