راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ننڍي چونڊن ۾ ناڪاميءَ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جو مئنڊيٽ اڃا تائين قبول نه پيو ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته اسان ڪنهن ٻي لائن تي وڃڻ جو سوچينداسين.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڄاڻ هجي ها ته اسان جو مئنڊيٽ قبول نه ڪيو ويندو ته اسان ننڍي چونڊن ۾ حصو نه وٺئون ها، چونڊن ۾ اسان پنهنجي هريپور سيٽ جو دفاع نه ڪري سگهياسين.
هن چيو ته هاڻي خيبرپختونخوا ۽ ٻين هنڌن تي ڪنهن ٻئي جو سڪو هلي رهيو آهي، اهو ظلم آهي، اسان ايتريون سختيون برداشت ڪيون ۽ اسان سمجهو ته هن واري اسان جو مئنڊيٽ قبول ڪيو ويندو، پر اسان کي ميري اک سان ڏٺو ويو ۽ مئنڊيٽ قبول نه ڪيو ويو.
بئريسٽر گوهر چيو ته عوام ۾ مايوسي پکڙجي ويندي، برداشت ختم ٿيندي ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته اسان ڪنهن ٻي لائن ڏانهن وڃڻ جو سوچينداسين، هڪ کٽيل سيٽ نه ڏيڻ جهموريت لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي، هريپور جي هر پولنگ اسٽيشن اسان کٽي ۽ اسان جي 27 هزار جي ليڊ هئي.
هن چيو ته هريپور جي اسان جي کٽيل سيٽ اسان کي نه ڏني وئي، اسان کي مڇڙائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر اسان ائين نه ڪنداسينا، هر ڀيري ان اميد سان ايندا آهيون ته اڄ ملاقات ٿيندي، عدالتي حڪم جي باوجود ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي.
هن چيو ته 4 نومبر تي آخري ملاقات ڪرائي وئي هئي، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿيندي ۽ جيئن هو چوندو ان تي عمل ڪيو ويندو، اسان سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو اهو غير قانوني ۽ غير آئيني آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان وڊيو رکڻ وارا نه آهيون، اسان عوامي مئنڊيٽ سان ايندا آهيون، اهو سيٽ اپ برقرار نه رهندو، جيڪا ترميم ڪئي وئي ان جي ڏڍ هلي رهيا آهن، پاڪستان ۾ جهموريت هلڻي ئي هلڻي آهي.
You might also like