راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي جي ايڇ ڪيو جو الوداعي دورو ڪيو ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان الوداعي ملاقات ڪئي.
جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل ساحر شمشاد مرزا شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي، جڏهن ته پاڪ فوج جا چاق ۽ چوبند دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل جنرل ساحر شمشاد مرزا جي مثالي قيادت، اسٽريٽجڪ بصيرت ۽ پاڪ فوج لاءِ شاندار خدمتن کي ساراهيو.
فيلڊ مارشل چيو ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿيابند فوجن جي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ گڏوگڏ هٿيابند فوجن جي گڏيل آپريشنل تياري کي مضبوط ڪرڻ ۾ پڻ حصو ورتو.
فيلڊ مارشل وڌيڪ چيو ته جنرل ساحر شمشاد مرزا قومي سلامتي جا اسٽريٽجڪ هدف حاصل ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل جنرل ساحر شمشاد مرزا جي دوست ملڪن سان پاڪستان جي دفاعي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ، علائقائي استحڪام ۽ عسڪري سفارتڪاري لاءِ ڪوششن تي به ڀيش پيش ڪئي.
آءِ ايس پي آر چوڻ آهي ته جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي ڪيريئر دوران فراهم ڪيل حمايت تي آرمي چيف ۽ هٿيابند فوجن جو شڪريو ادا ڪيو.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو جي ايڇ ڪيو جو دورو، فيلڊ مارشل سان الوداعي ملاقات
You might also like