موسمياتي تبديلين جا هاڃا: ٿائيلينڊ ۾ برساتن جو 300 سال پراڻو رڪارڊ ٽُٽِي ويو، 19 ڄڻا اجل جو شڪار

بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ ۾ برساتن جو 300 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو، ٻوڏ واري صورتحال سبب 9 صوبا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ مختلف حادثن ۾ 19 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٿائيلينڊ جي مختلف علائقن ۾ 400 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان 300 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.
گذريل هفتي کان جاري طوفاني برساتن سياحتي شهر هٽيائي سميت ڏاکڻي علائقي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، شهر ۾ مسلسل برسات سبب 8 فوٽ تائين پاڻي بيهجي ويو آهي.
مسلسل برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي، 9 صوبا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ هڪ لک 27 هزار خاندان متاثر ٿيا.
ٿائي صحت واري وزارت موجب، ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٻين مختلف حادثن ۾ هينئر تائين 19 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.
ٿائي حڪومت اڱاري ڏينهن ڏاکڻي صوبي سونگ کالا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، موسميات کاتي هلندڙ هفتي وڌيڪ برسات ۽ امڪاني ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
واضح رهي ته عام طور تي ٿائيلينڊ ۾ جون کان سيپٽمبر تائين شديد برساتن جو سلسلو جاري رهندو آهي، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين سبب موسمي حالتون غير متوقع ٿي ويون آهن.
ياد رهي ته ملائيشيا ۽ ويٽنام ۾ به برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.