ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڀارتي دفاع واري وزير جي سنڌ بابت بيان تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته ڀارتي دفاع وارو وزير تاريخ کان بي خبر آهي ۽ سندس بيان سفارتي طور تي غير ذميوار آهي. مراد علي شاهه واضح ڪيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به، سنڌ 1936 ۾ بمبئي پريزيڊنسي کان الڳ ٿي وئي هئي، ۽ سنڌ جي ماڻهن هميشه پنهنجي خودمختياري، وقار ۽ سياسي سڃاڻپ کي ترجيح ڏني آهي. هن زور ڏنو ته سنڌ پاڪستان جو هڪ اڻٽٽ حصو آهي ۽ ڪڏهن به ورهائجي يا الڳ نٿي ٿي سگهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪالهه به پاڪستان جو حصو هئي، اڄ به آهي ۽ مستقبل ۾ به ائين ئي رهندي.