اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي چيئرمين واپڊا، لفٽيننٽ جنرل ريٽائر مزمل حسين خلاف انڪوائري بند ڪري ڇڏي آهي. هي انڪوائري گذريل چار سالن کان تربيلا ڊيم توسيعي پروجيڪٽ ۾ گهوٻين جي شڪايت تي جاري هئي.2021 ۾ مزمل حسين خلاف تربيلا توسيع پروجيڪٽ ۾ 753 ملين ڊالرز جي خردبرد جي شڪايت داخل ڪئي وئي هئي. نيب عملدارن تصديق ڪئي آهي ته انڪوائري جي مڪمل جاچ کان پوءِ انڪوائري بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، جنهن تي نيب چيئرمين، لفٽيننٽ جنرل ريٽائر نذير بٽ انڪوائري بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.