عوام تشدد ۽ تخريبي سياست رد ڪري ڇڏي\نواز شريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف ننڍين چونڊن ۾ ن ليگ جي اميدوارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام تشدد، انتشار ۽ تخريبي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي ن ليگ جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف جي محنت ۽ بي لوث خدمت ملڪ کي صحيح رستي تي واپس آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي. نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستاني عوام تشدد، ڏڦيڙ ۽ تخريبي سياست کي رد ڪري، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.