اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت ججن جي منتقلي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محسن ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس اعجاز اسحاق ۽ جسٽس سمن رفعت انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي. وفاقي آئيني عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جي انٽرا ڪورٽ اپيل واپس سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پر پنجن ججن مان ڪو به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت عدم تعميل جي بنياد تي اپيل رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ڇهن ميمبرن تي ٻڌل لارجر بينچ ججن جي منتقلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ اڪثريتي ووٽ سان آرٽيڪل 200 تحت ججن جي منتقلي کي جائز قرار ڏنو هو. آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ ٻين عدالتي اپيلن کي رد ڪري ڇڏيو.