گِل جي انجري ۽ مٿان ورلڊ ڪپ، ڀارتي مئنيجمينٽ لاءِ مسئلا وڌي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شُڀمَن گِل جي انجري ٽيم مئنيجمينٽ لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، شُڀمَن گِل سال 2025 جي باقي ميچن ۾ ايڪشن ۾ نظر نه ايندو،ڳچيءَ جي انجري سبب ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز مان اڳ ئي ٻاهر ٿي چڪو آهي.
ٽيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته هو گِل جي فٽنيس جي معاملي ۾ جلدبازي نٿي چاهي.
واضح رهي ته ڪولڪتا ٽيسٽ دوران گِل بيٽنگ ڪندي”رٽائرڊ هرٽ“ ٿي ويو هو ۽ ٻي اننگز ۾ ميدان تي واپس نه اچي سگهيو، گوهاٽي ٽيسٽ ۾ سندس جاءِ تي رشڀ پنت ڪپتاني ڪري رهيو آهي.
ڀارتي اخبار ” ٽائيمز آف انڊيا“ جي رپورٽ موجب، شُڀمَن گِل جي انجري شروعاتي اندازن کان وڌيڪ سنجيدا آهي، هو نه رڳو ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي، پر سموري سال جي دوران ڪنهن به فارميٽ ۾ واپسي جا امڪان به گهٽ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گِل کي انجڪشن هنيا پيا وڃن ۽ ڪجهه ڏينهن اندر سندس ريهيبيليٽيشن وارو عمل پڻ شروع ٿي ويندو.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ 2026ع واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کي نظر ۾ رکندي ڪپ کي نظر ۾ تمام گهڻي احتياط سان معاملي کي ڏسي رهي آهي.
ذريعن موجب، جلدبازي ۾ ڪيل فيصلي سبب رانديگر جي فٽنيس کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو، تنهنڪري مئنيجمينٽ محتاط حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي.
امڪان آهي ته شُڀمَن گل 2026ع ۾ نيوزي لينڊ خلاف هوم سيريز ۾ واپسي ڪندو.
ڀارتي ٽيم جي نيوزيلينڊ خلاف جنوري ۾ ٽن ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز شيڊيول آهي، ڄاڻايل سيريز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀارت جي آخري تيارين جو حصو هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.