ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته خوبصورت تصويرون ڪڍڻ لاءِ هڪ مهانگو فون هئڻ ضروري ناهي ڇو ته عام ۽ سستي فون جي ڪئمرا توهان جي سوچ کان به وڌيڪ ڪم ڪري سگهي ٿي.
ڪجهه ڪارائتن مشورن تي عمل ڪري توهان پنهنجن يادگار لمحن کي بهترين تصويرن جي صورت ۾ ڪيئن تبديل ڪري سگهو ٿا؟ اچو ته ڄاڻيون.
گرڊ لائين آن ڪريو
گرڊ لائين ٿرڊ رولز تحت توهان جي فوٽو گرافي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، توهان پنهنجي ڪئمرا جي سٽنگز ۾ کان نه گهٻرايو ۽ ان ۾ موجود فنڪشنز سان کيڏڻ سکو.
گرڊ لائين آن ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪئمرا جي سيٽنگز ۾ وڃو ۽ گرڊ جو آپشن ٽرن آن ڪري ڇڏيو ته جيئن توهان جي تصوير جي سبجيڪٽ تي سولائي سان ڌيان ڏيئي سگهجي.
مصنوعي روشني بدران قدرتي روشني
تصوير کي بهتر ۽ معياري بڻائڻ لاءِ لائٽنگ جو ڪردار انتهائي اهم آهي تنهنڪري فلش جي استعمال بدران قدرتي روشني مان لاڀ حاصل ڪريو.
خاص طور تي سج اُڀرڻ کان ترت پوءِ يا سج لهڻ کان اڳ ” گولڊن آور “ دوران بهتر تصويرون محفوظ ڪري سگهجن ٿيون.
خوبصورت تصويرن لاءِ توهان بيڪ لائٽنگ سان به تجربو ڪري سگهو ٿا يا وري بهتر لائٽنگ لاءِ سبجيڪٽ تي اڇي ڪاغذ جهڙا سادا ريفليڪٽر پڻ استعمال ڪري سگهو ٿا.
ٽائمر لڳايو
ٽائمر جو استعمال بنا ڪنهن تڪڙ جي گروپ فوٽو يا سيلف پورٽريٽ ڪيپچر ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي تنهنڪري سٺي تصوير لاءِ ٽائمر سيٽ ڪريو ان کانپوءِ تصوير لاءِ پوزيشن سيٽ ڪيو.
ان کانسواءِ هڪ کان وڌيڪ تصويرن لاءِ توهان ٽائمر کي برسٽ موڊ سان جوڙي سگهو ٿا، اهڙي طرح توهان وڌيڪ بهتر ۽ معياري تصويرون ڪڍي سگهو ٿا.
ڪئمرا موڊز جو بهتر استعمال
گهڻي ڀاڱي سمارٽ فونز مختلف ڪئمرا موڊ جو آپشن فراهم ڪري سگهن ٿا ائين توهان ڪڍيل تصوير کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهو ٿا.
اچو ته ڄاڻيو ٿا اِهي موڊ ڪهڙي ريت ڪم ڪندا آهن.
پورٽريٽ موڊ: سبجيڪٽ جي ڀرپاسي خوبصورت پس منظر کي ٻاڙو ڏيکارڻ لاءِ.
نائيٽ موڊ: فليش کانسواءِ گهٽ روشني ۾ فوٽو گرافي لاءِ
پينوراما موڊ: ان آپشن جي استعمال لاءِ فون کي پورٽريٽ طريقي سان پڪڙي شٽر وارو بٽڻ دٻايو ۽ تصوير ڪڍڻ وقت تير واري نشان ڏانهن فون ڦيرايو.
ميڪروموڊ : ڪلوز اپ شاٽس ۾ سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ .