ڪهڙي خبر سنڌ ٻيهر ڀارت جو حصو بڻجي وڃي: ڀارتي بچاءَ وارو وزير

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه دعويٰ ڪئي آهي ته توڙي جو اڄ سنڌ ڀارت جو حصو ناهي پر اهو خطو تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي ڀارت سان گهرو تعلق رکي ٿو ۽ هڪ ڏينهن ٻيهر ڀارت ۾ واپس اچي سگهي ٿو.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي راج ناٿ سنگهه چيو ته سنڌو درياهه جي ڪناري آباد صوبو سنڌ 1947 جي ورهاڱي وقت پاڪستان جو حصو بڻيو، جنهن کانپوءِ وڏي انگ ۾ سنڌي هندو ڀارت هجرت تي مجبور ٿيا، سنڌ جو خطو جاگرافيائي طور گجرات ۽ راجسٿان جي ڀرسان هجڻ سان گڏ ثقافتي طور به ڀارت سان جڙيل آهي.
هن اڳوڻي ڀارتي نائب وزيراعظم ايل ڪي آڏواڻي جو حوالو ڏيندي چيو ته ان جي نسل جا سنڌي هندو اڄ تائين سنڌ جي عليحدگي کي دل سان قبول ناهن ڪري سگهيا، ڇو ته انهن جي نظر ۾ سنڌو درياهه انهن جي تهذيبي سڃاڻپ جو حصو اهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.