اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي سنڌ بابت ڏنل بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته راج ناٿ سنگهه جو سنڌ صوبو ٻيهر ڀارت جو حصو بڻجڻ بابت شرپسند بيان امن لاءِ خطرو آهي.
بيان موجب ڀارتي بچاءَ واري وزير جا وهم گمان تي ٻڌل ۽ خطرناڪ حد تائين تاريخ کي چٿيندڙ بيان هندوتوا ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪا مستحڪم حقيقت کي چيلينج ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ عالمي قانون، تسليم ٿيل سرحدن جي حرمت ۽ رياستن جي خود مختياري جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
پرڏيهي کاتي چيو ته اسان راج ناٿ سنگهه ۽ ٻين ڀارتي اڳواڻن تي زور ڏيون ٿا ته اهڙن شرپسند بيانن کان پاسو ڪن، جيڪي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن.
پرڏيهي کاتي موجب ڀارتي حڪومت لاءِ وڌيڪ بهتر اهو هوندو ته اها پنهنجي شهرين، خاص طور ڪمزور اقليتي برادرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ٿئي.
You might also like