ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ هڪ شخص پاڻ تي تيل هاري باهه لڳائڻ جو خواب ڏسي حقيقت ۾ باهه ڏئي پاڻ کي ماري ڇڏيو.
چنچر ۽ آچر جي وچين رات اورنگي ٽائون جي علائقي قصبه موڙ شهزاد سينيما گهٽي نمبر 5 جي گهر ۾ هڪ شخص سڙي زخمي ٿيو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال نيو ويو.
شهري جي سڃاڻپ 60 ورهين جي الله رکا پٽ خوشي محمد طور ٿي، ريسڪيو اختيارين موجب سڙي زخمي ٿيندڙ شخص سول اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ آپگهات جو واقعو سامهون آيو آهي، فوتي گاسليٽ هاري پاڻ کي باهه ڏني، سندس اباڻو واسطو راولپنڊي سان هو ۽ هو 10 ڏينهن اڳ هتي سالي جي گهر آيو هو.
فوتي جي سالي موجب الله رکا مون کي ٻڌايو هو ته هو 3 ڏينهن کان خواب ۾ ڏسي رهيو آهي ته تيل هاري پاڻ کي باهه ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب هو گهڻو پريشان به هو ۽ ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات هن گاسلٽ هاري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.
You might also like