ڀارتي ڪرڪيٽر سمرتي منڌنا جي شادي ملتوي، پيءُ ۽ مڱيندو اسپتال داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان سمرتي منڌنا جي شادي سندس پيءُ سرينواس منڌنا کي دل جو دورو پئجي وڃڻ سبب ملتوي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽر جي مڱيندي ميوزڪ ڪمپوزر پلاش موچل کي به طبعيت بگڙجڻ تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سمرتي منڌنا جي شادي اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي، سندس شادي جي تقريب 23 نومبر تي مهارشٽرا جي منڌنا فارم هائوس تي رٿيل هئي.
شاديءَ جون تياريون زور شور سان جاري هيون، جنهن دوران سمرتي جي پيءُ کي دل جو دورو پيو، کيس ترت اسپتال پهچايو ويو ۽ سندس طبعيت ۾ هوريان هوريان بهتري اچي رهي رهي آهي.
ٻئي پاسي، پلاش موچل جي صحت بابت سندس ماءُ ٻڌايو ته پلاش جو سمرتي جي پيءُ سان گهڻو جذباتي لڳاءُ آهي، ۽ سمرتي کان وڌيڪ هو ٻئي هڪٻئي جي ويجهو آهن، جڏهن سرينواس منڌنا کي دل جو دورو پيو ته پلاش سمرتي کان اڳ شادي ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو.
ڪمپوزر جي ماءُ وڌيڪ ٻڌايو ته پلاش جي روئيندي روئيندي طبعيت خراب ٿي، کيس چئن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ رکيو ويو، ڊرپس لڳايون ويون ۽ سندس اي سي جي سميت ٻيا ٽيسٽ ڪيا ويا.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هاڻي سڀ ڪجهه نارمل آهي، پلاش رڳو ذهني دٻاءُ سبب متاثر ٿيو هو، جنهنڪري سندس طبعيت عارضي طور خراب ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.