آغا سراج سختيون سٺيون پر پارٽي کان پري نه ٿيو: مراد علي شاهه

ڳڙهي ياسين (رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھ) سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج خان دراني جو چاليهو سندس رهائش گاهه ڪوٽ دراني تي ٿيو، چاليهي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو، اڳوڻي ايم اين اي الحاج غوث بخش خان مهر، ايم اين اي محمد شھريار مهر، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور چئيرمين ذوالفقار ڪماريو، ڊاڪٽر سهراب سرڪي، خورشيد جوڻيجو سميت پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جي اڳواڻن، پارٽي ورڪرن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾شرڪت، وڏي وزير جي شرڪت سبب سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، چاليهي جي دعا بعد مرحوم آغا سراج خان دراني جي پٽ آغا شهباز خان دراني کي پڳ ٻڌرائي وئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو سرمايو هو، هن سنڌ اسيمبلي جو ايوان ڪافي عرصو بهتر نموني هلايو، آغا سراج سختيون به سٺيون پر پارٽي کان پري ڪون ٿيو، پيپلزپارٽي آغا شهباز دراني کي ٽڪيٽ ڏئي عوامي خدمت جو موقعو ڏنو آهي، اميد ته هو پارٽي سان گڏ رهندي عوامي خدمت جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.