اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ننڍي چونڊ تمام پُرامن رهي ۽ چونڊ نمبر گيم ۾ ڪا تبديلي نه ٿيڻ سبب عوام جي دلچسپي گهٽ رهي، اليڪشن ڪميشن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڪندر سلطان راجا چيو ته ضمني چونڊ ۾ هميشه ووٽرن جي شرڪت گهٽ رهندي آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪميشن ڪارروايون ڪيون، ڊي آر اوز ڪجهه رپورٽون موڪليون، جڏهن ته ڪجهه شڪايتن جو ڪميشن پاڻ نوٽس ورتو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ڪا غير معمولي شڪايت نه ملي، طلال چوڌري کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌڻي ٿيندي، گلوبل ليول تي چونڊن ۾ ڀڃڪريون، ٽربيونل تي ڪميشن جو ڪو اختيار ناهي، هر شيءِ جي لاءِ قانوني اسڪيم موجود آهي، دنيا ۾ هر هنڌ چونڊن ۾ڀڃڪڙيون ٿين ٿيون ۽ ڪميشن پنهنجون تجويزون حڪومت کي موڪليندو رهي ٿو.