26 هين ۽ 27هين ترميم ۾ سنڌ جي خلاف ڪهڙي ڳالھه آھي؟\سرفراز ميتلو

احمدپور( مختيار علي ميتلو) خيرپور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر بئريسٽر محمد سرفراز ميتلو جي مان ۾ آجياڻو ۽ وڪيل ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو ڪنوينشن ۾ حيدرآباد ڄامشورو نواب شاھ نوشهروفيروز خيرپور سکر گهوٽڪي شڪارپور ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين ضلعن جي هزارين وڪيلن شرڪت ڪئي ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر بئريسٽر محمد سرفراز ميتلو وڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي 29 نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ مخالف ڪوششون ڪري ڪوڙا افواهه ڦهلائي رهيا آهن 26هين ۽ 27هين ترميم تي سياست ڪئي پئي وڃي سنڌ جي حقن تي ڪڏھن به ڪمپرومائيز نه ڪنداسين اسان کان وڌيڪ سنڌي ٿيڻ جي ڪوشش پيا ڪن  سنڌ جي مفاد ۾ جيڪا ڳالھ هوندي ان تي سنڌ جو ٻچو ٻچو آواز اٿاريندو ڪئنالن جي مسئلي تي گڏيل تحريڪ هلائي سين 26هين ۽ 27هين ترميم ۾ سنڌ جي خلاف ڪهڙي ڳالھ آھي اھا واضع ڪئي وڃي جن دوستن ڪراچي ۾ جلد بازي ڪري ڪنوينشن ڪيو ڇا هاڻي جلد ئي ترميمون واپس ٿي وينديون ائين نه آهي سنڌ جو ڪارڊ استعمال ڪري سياست ڪئي پئي وڃي ترميمن ۾ صرف سنڌ جي ڳالھ ناهي ملڪ جي ڳالھ آھي ترميمن ۾ جيڪي شيون آهن انهن تي سياسي ڌرين کي اڳتي اچڻ گهرجي سنڌ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا جڏھن به سنڌ جي خلاف ڪو منصوبو جوڙيو ويو آهي ته اسان سڀ کان پهريان آواز اٿاريو آهي،هن چيو ته  اڄ ڪلھ سنڌ جي ڳالھ ڪندڙ اڳ ڪٿي هئا اسان کي ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت نه آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان وڪيلن جي ڀلائيءَ جا 70 کان وڌيڪ منصوبا پورا ڪيا آهن جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان رولڙي جو شڪار هئا. وڪيل تحريڪون گهڻي عرصي تائين هلڻ واريون تحريڪون هونديون آهن بار اليڪشن مقرر مدي تي ئي ٿيندي ڪهڙيون به حالتون هجن اسان پنهنجي ڦيٿي کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين سکر ڪنوينشن ۾ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو سينيئر وڪيل قربان ملاڻو بيهوش ٿي ويو اليڪشن مهم دوران ڪمزور پوزيشن تي هوندڙ اميدوار انتشار پکيڙيندا آهن،هن چيو ته اندروني سنڌ جي هزارين وڪيلن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو ميمبر بڻايو ويو آهي 2 سال پهريان اندروني سنڌ جو ڪهڙو وڪيل ڪراچي بار جو ميمبر ٿيو؟ اسان جو ڪردار سنڌ جي وڪيل برادريء جي سامهون آهي عامر نواز وڙائچ جو نظريو اسان جي نظريي کان مختلف آهي هو قومي معاملن جي سياست ڪندو آهي اسان جي سياست نج وڪيلن جي سياست آهي وڪيلن جي سياست وڪيلن جي اندر ئي رهڻ گهرجي،هن چيو ته انشا الله 29 نومبر تي ٿيندڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدارتي چونڊن ۾ خيرپور ۽ سنڌ جي وڪيل برادريء جو وڏو ساٿ شامل هوندو  انشا الله وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي سنڌ جي وڪيل برادريء جي مسئلن جي حل توڙي بار ڪائونسلن جي مسئلن جي حل لاءِ اڃان به وڌيڪ جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو ويندو . وڪيل ڪنوينشن جو اهتمام ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اعجاز علي چانڊيو ۽ ٻين ميمبرن پاران ڪيو ويو هو جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن وڪيلن حبيب الرحمان شيخ شفيع محمد چانڊيو قربان ملاڻو لياقت علي شر ايڊوڪيٽ ماروي چانڊيو ياسر عرفات شر بئريسٽر امير بخش ميتلو زينب شر ناياب اختر ميمڻ محمد جمن سهتو ارشاد ڌاريجو منظور احمد لاڙڪ منور علي ميتلو ڪليم الله ميتلو شمس الدين لاڙڪ علي احسان ميتلو فدا احمد ڄامڙو ايڊووڪيٽ علي رضا خان ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو ايڊووڪيٽ عائشه کنڊ رضا محمد ميتلو بئريسٽر عمران علي ميتلو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.