ڪينٽ اسٽيشن تي ڪارگو ٽرين جي ٻن بوگين کي باهه

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي بيٺل ڪارگو ٽرين جي ٻن بوگين ۾ لڳندڙ باهه تي ڪنٽرول ڪيوويو، باهه واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ريسڪيو ادارو 1122 جي ترجمان موجب ڪينٽ اسٽيشن ۾ ڪارگو بوگي ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع تي سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ريسڪيو 1122 فائر اينڊ ريسڪيو ٽيم سان گڏ ايمبولينس ۽ فائر ٽينڊر کي فوري طور تي روانو ڪيو، فائر ٽينڊر پهچڻ تي معلوم ٿيو ته مال بردار ٽرين جي ٻن بوگين ۾ باهه لڳي آهي، ريسڪيو ٽيم فوري طور امدادي عمل شروع ڪري ٻه بوگيون بچايون ۽ ڪولنگ جو عمل مڪمل ڪيو، ترجمان ٻڌايو ته ٻن بوگين ۾ ڪپڙو ۽ ٻيو سامان موجود هو، هڪ بوگي ۾ موجود سامان مڪمل طور  سڙي ويو ۽ ٻي بوگي ۾ سامان کي جزوي نقصان پهتو، باقي سامان بچائي محفوظ ڪيو ويو، باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو.

  1. منشيات جي ڌنڌي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر ۽ وزير ملوث آهن: اختيار ولي خان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي خيبر پختونخوا لاءِ ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان چيو آهي ته منشيات جي ڌنڌي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر ۽ وزير ملوث آهن، وزيراعليٰ سهيل آفريدي جو ضلعو خيبر منشيات جو ڳڙهه بڻيل آهي، تيراهه واديءَ ۾ منشيات جا ڪارخانا لڳل آهن، جتان منشيات پوري ملڪ ۾ اسمگل ڪئي پئي وڃي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته منشيات مان حاصل ٿيندڙ رقم دهشتگردي لاءِ به استعمال ٿئي ٿي ۽ ضلعي خيبر مان منشيات سڄي ملڪ تائين پهچائي وڃي ٿي، هن الزام هڻندي چيو ته منشيات جي ڌنڌي ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو به ملوث آهن ۽ ان جو وڏو حصو سرحد پار به موڪليو وڃي ٿو، اختيار ولي خان چيو ته وزيراعليٰ جو تعلق به ضلعي خيبر سان آهي، ان ڪري هو پنهنجي ضلعي ۾ منشيات خلاف سخت ڪارروائي ڪن، جنهن وزيراعليٰ جي تڪ ۾ منشيات تيار ٿئي، ان کي استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي، وزيراعليٰ سهيل آفريدي منشيات جي موجودگي جي ترديد ڪري حقيقتن کان انڪار ڪيو آهي. اختيار ولي موجب، هن وزيراعليٰ کي منشيات جي اسمگلنگ جا رستا بند ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر ان جي ابتڙ  سڌ سماءَ واري وزير کان پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي، جنهن ۾ حقيقتن کي رد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.