حڪومت 28هين آئيني ترميم آڻڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ سرڪاري عملدارن واضح ڪيو آهي ته 28 هين آئيني ترميم بابت ڪا به تجويز هن وقت غور هيٺ ناهي. پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ان تاثر کي رد ڪيو ته حڪومت ڪنهن به نئين ترميم تي ڪم ڪري رهي آهي. آفيسرن موجب، وزيراعظم آفيس ۾ به اهڙي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر طارق چيو ته 27 هين ترميم دوران رد ڪيل ڪجهه تجويزن تي مستقبل ۾ نظرثاني ٿي سگهي ٿي، پر في الحال 28 هين ترميم لاءِ ڪو به منصوبو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.