غير جمهوري طاقتن سان مقابلي لاءِ پارلياماني جماعتن کي ”ميثاق جمهوريت“ ڪرڻ گهرجي

هن مُلڪ جي ڪيترن ئي المين مان هڪ الميو اهو به  رهيو آهي هتي ڪڏهن به پارلياماني ۽ جمهوري نظام مضبوط نه ٿي سگهيو آهي. بظاهر ته آئيني طور تي هي ملڪ جمهوري سڏيو ۽ سمجهيو ويندو آهي پر عملي طور طاقت جو مرڪز ۽ سرچشمو غير جمهوري طاقتون رهيون آهن. جن جو اثر رسوخ هر دور ۾ رهيو آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته انهن غير جمهوري طاقتن جي اثر رسوخ ۽ مداخلت کي ڪيئن ختم ڪجي ۽ ڪيئن پارلياماني ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪجي.

اهو سوال اڄ هڪ اهڙي دور ۾ پڇيو وڃي ٿو جنهن کي هائبرڊ نظام چئجي ٿو. اهو سوال بظاهر جيڏو ڏکيو نظر اچي رهيو آهي ته پارلياماني ۽ جمهوري جماعتن جي ٻڌي  سان ئي  اهو ممڪن آهي پر اهڙي ٻڌي جو اظهار هر  دور ۾ پارليامينٽ کان ٻاهر اپوزيشن جماعتن ۾ ڪنهن تحريڪ جي ڪاميابي يا اقتداري مفاد لاءِ اتحادن جي شڪل ۾ ته نظر ايندو آهي پر پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ اندر گهٽ ئي نظر ايندو آهي. اهو به ملڪي تاريخ  ۾ نظر آيو آهي ته جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ يا حڪومت کي اقتدار تان لاهڻ لاءِ اهي جماعتون ”غير جمهوري طاقتن“ جي اشارن تي ضرور متحده ٿيون آهن يعني متحد به ٿيون آهن ته جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ.

البت جنرل مشرف جي  دور ۾ اسان پهريون ڀيرو ڏٺوسين ته محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ٻه ٻه ڀيرا حڪومت جي برطرفين ۽ انهن برطرفين ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مدد ڪرڻ وارن تلخ تجربن کان پوءِ آخرڪار ”ميثاق جمهوريت“ جي ضرورت کي محسوس ڪين. اسان ميثاق جمهوريت کي ملڪي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي پهرين ۽ سنجيده ڪوشش سمجهون ٿا. ان جمهوري معاهدي ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته اڄ کان پوءِ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جيڪي ملڪ جون سڀ کان ٻه وڏيون اقتداري جماعتون رهيون آهن سي اڳتي هڪٻئي جو مئنڊيٽ قبول ڪنديون ۽ هڪٻئي جي حڪومتن کي ڪيرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ونگار نه وهنديون ۽ حڪومتن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون. اهو جمهوري معاهدو ئي هو جنهن نتيجي ۾ جڏهن جنرل مشرف بينظير ڀٽو سان ڊيل ڪئي ته بينظير اها شرط رکي هئي ته ان ڊيل تحت صرف مان وطن واپس وڃي چونڊن ۾ حصو نه وٺندس پر نواز شريف جي به جلاوطني ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي به واپس ملڪ اچي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي پوءِ ايئن ئي ٿيو. يعني بينظير ڀٽو ان ڳالهه تي اسٽينڊ ورتو ته  پوءِ اهو ممڪن ٿيو. سو بينظير ڀٽو ان دور ۾ ميچوئر سياستدان طور ظاهر ٿي هئي. اها به تبديل ٿيل بينظير ڀٽو ئي هئي جنهن مشرف طرفان هٽايل سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي ڊيل ڪرڻ باوجود  چيف جسٽس طور قبولڻ جو اعلان ڪيو هو. اهو ئي سبب هو جو کيس پوءِ جلد ئي شهيد ڪيو ويو هو.

پاڻ کي اها ته خبر ناهي ته بينظير ڀٽو زندهه هجي ها ته ميثاق جمهوريت مان پارليامينٽ، جمهوريت ۽ ملڪ کي ڪيترو فائدو رسائي ها پر پوءِ سندس لاڏاڻي کان پوءِ نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ  جنهن به نموني سان ميثاق جمهوريت کي هلايو آهي تنهن به تمام وڏو فرق آندو آهي. اهو ميثاق جمهوريت جو روح ئي آهي جنهن پ پ ۽ مسلم ليگ کي گڏيل حڪومت ڪرڻ جو تجربو ڪرايو آ. اهو پارلياماني سطح تي وڏو انقلاب آهي ته موجوده حڪومت ۾ وزيراعظم مسلم ليگ جو شهباز شريف آهي ته ملڪ جو صدر وري پ پ جو آصف زرداري آهي. ايئن اڄ پنهنجي دور جون ٻه سخت مخالف جماعتون گڏجي حڪومت ڪري رهيون آهن پر هاڻي به پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. غير جمهوري  طاقتون  هاڻي به پ پ ۽ مسلم ليگ  سميت پارلياماني جماعتن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ لاءِ زور لڳائي رهيون آهن. سو غير جمهوري طاقتون  هاڻي به ملڪي نظام تي غير آئيني ۽ غير جمهوري طريقي سان حاوي آهن تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جون سڀ پارلياماني جماعتون پاڻ ۾”ميثاق جمهوريت“ جهڙو ڪو مثالي اتحاد ڪن. اهو ئي هڪ طريقو آهي غير جمهوري طاقتن کي ڪمزور ڪرڻ جو ۽ ملڪي پارليامينٽ  ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جو.

پر افسوس ته اسان جون پارلياماني جماعتون هاڻي به ان ضرورت کي محسوس نه ٿيون ڪن پر اهي غير جمهوري طاقتن جي هٿن ۾ استعمال ٿي رهيون آهن.  پ پ ۽ ايم ڪيو ايم  جي موجوده ڇڪتاڻ کي به اسان غير جمهوري طاقتن جي سازش سمجهون ٿا. پي  ٽي آءِ  جو پارليامينٽ کي عزت نه ڏيڻ، حڪمرانن سان نه ڳالهائڻ کي به اسان غير جمهوري طاقتن جي سازش سمجهون ٿا جيڪي پارلياماني جماعتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڪمزور ڪري پاڻ کي مضبوط ڪري رهيون آهن. پر افسوس ته پارلياماني جماعتون اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ناهن  ۽ اهي غير جمهوري طاقتن جي هٿان استعمال ٿي پارليامينٽ جي ان وڻ کي وڍي رهيون آهن جنهن تي اهي پاڻ ويٺل آهن.

اسان جو خيال آهي ته پارلياماني جماعتن کي جيڏو اڄ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي تيڏي شايد کين پهريون نه هئي. اها به حقيقت آهي ته پنهنجي ملڪ جو جمهوري ۽ پارلياماني نظام اڃان ارتقائي مرحلي ۾ آهي. جيئن پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کي ڊگهن تلخ تجربن کان پوءِ ميثاق جمهوريت جي ضرورت نيٺ محسوس ٿي تيئن هاڻي به ضرورت آهي ته پارليامينٽ جون سڀ جماعتون پي ٽي آءِ سميت پاڻ ۾ اتحاد ڪن ۽ ايئن غير جمهوري طاقتن سان مقابلو ڪري پارليامينٽ ۽ پنهنجي طاقت جي مالڪي ڪن ۽ فيصلو ڪن ته هاڻي ڪا به جماعت غير جمهوري طاقتن جي هٿان استعمال نه ٿيندي ۽ نه ئي ان جي سازشن جو شڪار ٿيندي. اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ حڪمران جماعتن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾  پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.