دُبئي ايئر شو ۾ ڀارتي جنگي جهاز جي تباهي وارو واقعو

دُبئي ۾ ايئر شو دوران انڊين فضائيه جو هڪ تيجس جنگي جهاز ڪرتب ڏيکاريندي ڪري تباهه ٿي ويو. انڊين ايئر فورس تصديق ڪئي آهي ته هن حادثي ۾ جهاز جو پائلٽ به مارجي ويو. هي واقعو ايئر شو جي آخري ڏينهن، جمعي جي روز مقامي وقت موجب 2:10 وڳي پيش آيو، جڏهن تيجس جهاز هڪ فضائي مظاهري ۾ حصو وٺي رهيو هو. فضائيه حادثي جي جاچ جو اعلان ڪيو آهي، انڊين ايئر فورس 17 کان 21 نومبر تائين دُبئي ۾ ٿيندڙ ايئر شو ۾ تيجس جهاز نمائش لاءِ رکيا هئا. ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي دعوائون هيون ته تيجس جهاز جي فيول ٽينڪ مان تيل ليڪ ٿي رهيو هو، پر انڊين حڪومت جي PIB Fact Check انهن ڳالهين کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. PIB Fact Check وضاحت ڪئي ته اهو عمل معمول موجب هو، ۽ جهاز جي Environmental Control System ۽ Onboard Oxygen Generating System مان آلودگي صاف ڪرڻ لاءِ پاڻي خارج ٿي رهيو هو.

تيجس سنسڪرت لفظ آهي جنهن جي معنى شعلا يا چمڪ آهن. 2016 ۾ ان کي ڊگهي انتظار بعد ڀارتي  فضائيه ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن جو مقصد فضائي صلاحيتن کي جديد ڪرڻ هو. تيجس پهريون مڪمل ديشي ۽ سنگل انجن لڙاڪو جهاز آهي. هن ۾ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حصا انڊيا ۾ تيار ڪيا وڃن ٿا. هن ۾ مقامي طور ٺاهيل ريڊار نصب آهي. ماهرن موجب هي جهاز وزن ۾ هلڪو ۽ انجن پاور به بهتر آهي. اها ڪثيرالمقاصد لڙاڪي مشين آهي، جيڪا 8–9 ٽن بار کڻي سگهي ٿي. 52 هزار فٽ اوچائي تي پڻ هي آواز جي رفتار کان 1.6 کان 1.8 ڀيرا تيزيءَ سان اڏامي سگهي ٿو. ايئر مارشل باربورا جو خيال آهي ته تيجس سٺو جهاز آهي، پر رينج، برداشت ۽ هٿيار کڻڻ جي گنجائش ۾ اهو سخوئي يا رفال جهڙو طاقتور ناهي. ماضي ۾ ڊيزائن ۽ ٽيڪنالاجي سبب تيجس منصوبي کي گهڻا چئلينج آيا، ۽ هڪ ڀيرو انڊين بحريه وزن وڌيڪ هئڻ سبب ان کي پنهنجي بيڙي ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پر بعد ۾ ڊيزائن هلڪو ڪيو ويو.

هي پهريون حادثو ناهي. انڊين فضائيه ۾ مگ 21 جهازن کي حادثن سبب اُڏندڙ تابوت سڏيو ويندو هو. مگ 21 پهريون ڀيرو 1963 ۾ شامل ڪيا ويا. انڊيا 700 کان وڌيڪ مگ 21 جهاز خريد ڪيا. انهن کي 2022 ۾ ريٽائر ڪرڻو هو، پر تيجس وقت تي مهيا نه ٿيڻ سبب تاخير ٿي. آخرڪار سيپٽمبر 2024 ۾ مگ 21 جهازن کي ريٽائر ڪيو ويو. فيبروري 2019 ۾ ونگ ڪمانڈر اڀينندن جو گرندڙ جهاز به مگ 21 هو. ڀارت جي دعويٰ هئي ته هن پاڪستان جو F-16 ماريو، جنهن تي کيس وير چڪر اعزاز ڏنو ويو. انڊين رپورٽن مطابق 1972 کان اڄ تائين مگ 21 لڳ ڀڳ 400 حادثن جو حصو رهيو آهي.  2012 ۾ انڊيا جي تڏهوڪي دفاع واري وزير ٻڌايو ته روس مان خريد ڪيل 872 مگ 21 مان اڌ تباهه ٿي چڪا آهن. بهرحال ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته مگ 21 انڊيا لاءِ ڊهال ثابت ٿيو ۽ هر دور ۾ پنهنجي صلاحيت ڏيکاري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.