لاهور جي ضمني چونڊ کان تحريڪ انصاف جي بي معنيٰ لاتعلقي

نصرت جاويد

منهنجو خيال هو ته شايد آچر جي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ڪجهه ميمبرن کي ٻڌايل سزائن بعد جيڪي سيٽون خالي ٿيون آهن، تن تي چونڊ ٿيڻي آهي. انهن متوقع ضمني چونڊن مان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي گهٽ ۾ گهٽ چار سيٽن جا نتيجا اهم سياسي پيغام ڏئي سگهن ٿا. فقط لاهور ۾ مرحوم ميان اظهر جي وفات سبب ٿيندڙ ضمني چونڊ ئي صحافتي توجهه جو تقاضو ڪري ٿي. پر ڪنهن به اخبار ۾ اڃا تائين ڪو اهڙو تفصيلي مضمون نظر ناهي آيو، جيڪو ٻڌائي ته لاهور جي هڪ اهم تڪ ۾، جنهن کي آرائين برادري جو اهم ستون سمجهيو ويندو آهي، ميان اظهر جي وفات بعد اتي جي ماڻهن ۾ ڪهڙا جذبات موجود آهن. شهر لاهور جي لڳ ڀڳ دل ۾ موجود قومي اسيمبلي جي اهڙي اهم تڪ بابت صحافتي لاتعلقي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته شايد فقط ان تڪ ۾ ئي نه پر پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي گهڻن علائقن ۾ به عوام چونڊ عمل کان لاتعلق ٿي چڪو آهي.

جيڪڏهن منهنجو هي مفروضو درست آهي ته اها خبر اسان جي ”هائبرڊ جهموريت“ لاءِ سٺي ناهي. اها اهو پيغام ڏئي ٿي ته خلق خدا جي اڪثريت پاڻ کي موجوده حڪومتي بندوبست جو حصو محسوس نٿي ڪري. هنن جي نظر ۾ اها جوڙجڪ صرف حڪمران اشرافيا جي وچ ۾ طاقت جي ورهاست جو عمل آهي؛ اسان جهڙن ڏينهن مزدورن ۽ سفيدپوش ماڻهن جو ان سان ڪو تعلق ناهي. ضمني چونڊن بابت اهو تاثر ته حڪومت ۾ ويٺل جماعت جا نامزد ڪيل ماڻهو ئي کٽي ويندا آهن، ”هائبرڊ“ جهموريت کان ڪيترائي سال اڳ ئي قائم ٿي چڪو هو ۽ گهڻو ڪري اهو تاثر صحيح به ثابت ٿيندو رهيو. ان باوجود ڪجهه ضمني چونڊون اهڙيون به ٿيون، جيڪي اسان جي سياسي تاريخ ۾ سنگ ميل بڻيون.

1970ع  واري ڏهاڪي جي شروعات ، سقوطِ ڍاڪا بعد جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار سنڀاليو، تڏهن مخالفت مڪمل طرح ٽٽل هئي. پر سندن پنهنجي ئي جماعت مان فيصلا باد ۾ تاريخي اڪثريت سان چونڊجي آيل مختار رانا ”انقلابي“ ٿي بيٺا. گرفتاري ۽ نااهلي بعد سندن خالي ٿيل سيٽ تي ضمني چونڊ ٿي. اپوزيشن جي ٽٽل پارٽين گڏجي رانا جي ڀيڻ کي اميدوار بنايو، جنهن چونڊ مهم ۾ جان وجهي ڇڏي. پ پ کي اها سيٽ بچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻو پيو. لاهور ۾ هڪ ٻيو اهم ضمني اليڪشن به ڀٽو صاحب جي ئي دور ۾ ٿيو، جڏهن شير پنجاب غلام مصطفيٰ کھر جنهن کي ڪڏهن ڀٽو جو وارث قرار ڏنو ويندو هو قائد سان ناراض ٿي پنجاب اسيمبلي جي خالي سيٽ تي اپوزيشن اميدوار طور بيٺا. سندن جلسي ۾ مبينا طور تي نانگ ڇڏيا ويا ۽ کھر اسٽيچ تي بيهي هڪ نانگ جو مٿو هٿن ۾ دٻائيندي ڀٽو صاحب کي سخت پيغام ڏنو. اهو پيغام ايترو تيز هو جو ڀٽو صاحب کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ قوم سان سڌو خطاب ڪرڻو پيو.

انهن سڀني تاريخي مثالن جو مڪمل احوال ڏيڻ لاءِ ڪالم نه پر ڪتاب لکڻو پوندو. في الحال فقط هن نڪتي تي زور آهي ته ڪڏهن ڪڏهن فقط هڪ ضمني چونڊ ئي سياسي جمود ۾ لرزش وجهي سماج کي متحرڪ ڪري ڇڏيندي آهي. ميان اظهر مرحوم جي رحلت بعد خالي ٿيل لاهور جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي جيڪڏهن انتخاب دلجمعي سان وڙهيو وڃي ها ته اهو گهٽ ۾ گهٽ اهو ٻڌائي سگهي پيو ته لاهور جي دل ۾ رهندڙ ماڻهو فيبروري 2024ع جي چونڊن بعد ٺهيل صوبائي حڪومت بابت ڇا محسوس ڪن ٿا. هن چونڊ کي ”ريفرنڊم“ جي صورت ڏيڻ اصولي طور تحريڪ انصاف جي ذميواري هئي. پر سڀ کان وڏي ۽ مقبول اپوزيشن پارٽي هئڻ جي باوجود پِي ٽي آءِ هن اهم چونڊ ۾ ڪا خاص دلچسپي لندي نظر نٿي اچي.

عمران خان جا چاهيندڙ هن وقت سڄي توجهه سوشل ميڊيا تي انهن ”وڪائو“ صحافين ۽ اينڪرن کي گاريون ڏيڻ ۾ لڳل آهن، جيڪي سندن خيال ۾ برطانوي رسالي ۾ ڇپيل جنتر منتر واري ڪهاڻي کي ورجائي سندن قائد جي ”باپردہ ۽ گھريلو خاتون“ واري زندگي تي حملو ڪري رهيا آهن. انهن کي اهو گِلو به آهي ته اڊياله جيل ٻاهران باني پِي ٽي آءِ جي ڀينرن سان پوليس جي رويي بابت به ”آزاد ۽ اصول پسند“ صحافين ڪو آواز نه کنيو. پر سوشل ميڊيا تي گاريون ڏيڻ زمين تي ٿيندڙ سياسي حرڪتن جو متبادل نٿو بڻجي سگهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ ميان اظهر جي خالي ٿيل سيٽ تي انتخابي مهم ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري ها، ته صحافتي نظرانداز ٿيڻ باوجود زمين تي وڏي رونق لڳي سگهي ٿي. اها رونق پوءِ سوشل ميڊيا تي به نمايان ٿي بيهندي. مقامي ڪارڪنن کي هدف ملي وڃي ها، ۽ هو ٻين شهرن تائين به پنهنجي ساٿين کي متحرڪ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪن ها.

پي ٽي آءِ جا جذباتي ڪارڪن اهي دليل پڙهي شايد فيبروري 2024ع جون چونڊون ياد ڪرائي ”عقل ڪل“ جو درس ڏين. اهو سچ آهي ته پي ٽي آءِ جا ووٽر انهيءَ وقت به سموريون ڏکيائون ڀوڳي ”آزاد“ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ نڪري آيا هئا. پر گهربل نتيجا نه مليا. پر سياسي عمل هڪ ويڙهه جي هار يا جيت سان ختم نٿو ٿئي. سياست هڪ ڊگهي جدوجهد آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا شڪست به ڀوڳڻي پوي ٿي. هڪ تجربي مان مايوس ٿي گهر ويهي رهڻ شڪست خورده ذهن جو اظهار آهي ۽ اهڙي سوچ ڪنهن به سياسي تحريڪ جي توانائي زندهه نٿي رکي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.