غربت سبب ٻار اسڪول نٿا وڃن: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن سِي ويو تي ٻارن جي عالمي ڏھاڙي تي آگاهي واڪ جي  اڳواڻي ڪئي ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم کي ٻيهر ورجايو۔ سِي ويُو تي آمد وقت وڏي وزير جو استقبال سماجي بهبود بابت صوبائي وزير مير طارق علي ٽالپر، سماجي بهبود کاتي جي سيڪريٽري آغا سهيل ۽ ٻين عملدارن ڪيو۔  وڏي وزير چيو ته ٻارَ قوم جو قيمتي سرمايو آهن۔انهن جي حقن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته هن تازو ئي صوبي ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي پريشان ڪندڙ تعداد جيڪا رڳو سنڌ ۾ 70 هزار آهي، بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي۔ هن اعلان ڪيو ته انهن ٻارن کي ٻيهر تعليمي نظام ۾ آڻڻ لاءِ هڪ خاص پروگرام شروع ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته اسان جو هدف آهي ته ايندڙ ٽي سالن ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعداد کي اڌ تائين گهٽايو وڃي وڏي وزير ٻارن جي اسڪول ڇڏڻ جا بنيادي سبب غربت ۽ سهولتن جي کوٽ قرار ڏيندي چيو ته ڊجيٽل لرننگ جا قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن اهي مسئلا حل ٿي سگهن۔ نون استادن کي مقابلي جي امتحانن ذريعي ڀرتي ڪيو ويو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.