پرٿ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ ٽريوس هيڊ جي جارحاڻي سينچري جي مدد سان انگلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پرٿ ۾ آسٽريلوي ٽيم کي ڪاميابي لاءِ 205 رنسن جو هدف مليو، جيڪو ظاهري طور ڏکيو لڳي رهيو هو پر ٽريوس هيڊ جي حملن انگلش بالرن کي ساهه سُڪائي ڇڏيو.
هيڊ 83 بالن تي 123 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته جيڪ ويدرالڊ 23 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
مارنس لبوشين 51 ۽ ڪپتان اسٽيو سمٿ 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
انگلينڊ طرفان ٻئي وڪيٽون برائڊن ڪارس ورتيون.
ان کان اڳ انگلش ٽيم ٻي اننگز ۾ 164 رنسن تي ڍير ٿي وئي پر پهرين اننگز ۾ سرسي سبب آسٽريليا کي 205 رنسن جو هدف مليو.
واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 172 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم 132 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.
ميچ جو نتيجو ٻئي ڏينهن ئي اچي ويو، جنهن ۾ مچل اسٽارڪ مجموعي طور 10 وڪيٽون وٺي بهترين رانديگر جو اعزاز ماڻيو.
هيڊ جي جارحاڻي سينچري پرٿ ٽيسٽ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو، آسٽريليا 8 وڪيٽن تان ڪامياب
You might also like