ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ 2300 رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 28 هزار 862 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون 1972 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 67 هزار 680 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 23 ڊالر واڌ سان 4065 ڊالر في اونس آهي.
You might also like