ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار فيروز خان پهرين گهرواري کي طلاق کانپوءِ پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد ۽ الزامن تي پهريون ڀيرو ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته مان ايتري قدرڊپريشن ۾ هليو ويو هيس جو موت جي ويجهو پهچي ويو هيس.
فيروز خان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پهريون ڀيرو عليزا سلطان سان طلاق کانپوءِ پيش ايندڙ ڏکيائين تي کليل نموني ڳالهيون.
هن چيو ته طلاق کانپوءِ مون کي ذاتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، عدالتن ۾ ڪيس هلڻ لڳا، مون کي پنهنجي ئي ٻارن سان ملڻ جي اجازت نه هئي، شديد تنقيد ۽ ٻارن سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ سبب مان ڊپريشن ۾ هليو ويو هيس.
سندس چوڻ هو ته منهنجو ڪم تقريبن بند ٿي ويو هو، ڪنهن به ملڻ جلڻ به نه هو، مان سوچيو هو ته جيڪڏهن ڪو ڪم نه مليو ته درزي بڻجي ويندس.
اداڪار چيو ته مان ايترو پريشان هيس جو هڪ ڏينهن پنهنجي ئي گهر ۾ بيهوش ٿي ڪري پيس، ائين لڳو ته موت جي ويجهو پهچي ويو آهيان پر ماءُ جي دعائن سبب هوريان هوريان ٺيڪ ٿيس.
هن چيو ته ماءُ مون تي آيت الڪرسي پڙهندي هئي، هر وقت دعائون ڪندي هئي ۽ ان جي دعائن ئي ڪم ڪري ڏيکاريو.
واضح رهي ته فيروز خان جي پهرين شادي 2018 ۾ عليزا سلطان سان ٿي هئي، جنهن مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي پر 2022 ۾ اها شادي طلاق تي ختم ٿي هئي ۽ عيلزا، فيروز تي گهريلو تشدد جا الزام هنيا هئا.
طلاق کانپوءِ عليزا ۽ فيروز وچ ۾ ٻارن جي پرورش ۽ حوالگي لاءِ ڪيس به هليا، عدالتي حڪم تي ٻار ماءُ حوالي ڪيا ويا پر کين پيءُ سان ملڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ فيروز خان کي ٻارن جا خرچ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
پوءِ فيروز خان جون 2024 ۾ ڊاڪٽر زينب سان ٻي شادي ڪئي.
You might also like