راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انٽيليجنس بنياد تي گڏيل آپريشن ڪندي فتنه الخوارج جا 8 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت يافتا 8 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ڪيو ويو، اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين ۽ بي ڏوهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.
بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو گڏيل آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا
You might also like