اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي انٽرا ڪورٽ اپيل آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي.
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ 24 نومبر تي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪندي.
بينچ ۾ جسٽس حسن رضوي، جسٽس باقر نجفي، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه به شامل آهن.
سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ اسلام آباد ۾ ججن جي بدلي درست قرار ڏني هئي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.