پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته جيڪو به اسان جي جوانن کي شهيد ڪندو آهي اهو دهشتگرد آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي کانسواءِ ڪو آپشن ناهي.
صحافين سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته خيبر پختونخواهه جي پوليس مڪمل طور تي اهل آهي ۽ دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پوليس لاءِ جديد اوزارن جي خريداري جي منظوري ڏئي چڪو آهيان.
هن چيو وفاق رهتون ادا ڪري ته پوليس ۽ صحت سميت سڀني شعبن ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهون ٿا، خيبر پختونخواهه ۾ فرانزڪ ليب قائم ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خيبر پختونخواهه جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي، جيڪو به اسان جي جوانن کي شهيد ڪندو آهي اهو دهشتگرد آهي، امن خاطر وفاق جو ساٿ ڏيندس، امن امان تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين.
سهيل آفريدي چيو ته دهشتگردن کي سزا ڏيڻ لاءِ صوبائي سطح تي قانون سازي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
اسان جي جوانن کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد آهن، انهن جي خاتمي کانسواءِ ڪو آپشن ناهي: سهيل آفريدي
You might also like