ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ 5.7 شدت جي خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
بنگلاديشي موسميات کاتي موجب جمعي جي صبح 5.7 شدت جو زلزلو آيو، لوڏا تقريبن 26 سيڪنڊن تائين رهيا، ماڻهو خوف سبب گهرن مان نڪري آيا.
زلزلي جو مرڪز ڍاڪا ڀرسان نرسندگي شهر هو، ان جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جا لوڏا ڀارتي شهر ڪلڪتي ۽ اتر اوڀر ڀارت جي ڪجهه حصن ۾ به محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت، 100 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ عمارتن جو نقصان پهتو.
You might also like