صبر جواب ڏئي ويو، واپار جي نالي تي پاڪستانين جي قتل جو لائسنس جاري نٿا ڪري سگهون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان واپار جي نالي تي پنهنجي شهرين جون زندگيون خطري ۾ نٿو وجهي سگهي.
هفتيوار بريفنگ ۾ طاهر اندرابي چيو ته گذريل هفتي پاڪستان جي سرحدي واپاري پوسٽن تي حملن کانپوءِ اسان جو صبر جواب ڏئي ويو آهي، اسان واپار جي نالي تي پاڪستانين جي قتل جو لائسنس جاري نٿا ڪري سگهون.
هن چيو ته عالمي ميڊيا ۾ ڇپيل 4 هزار آپگهاتي بمبارن جي تياري بابت رپورٽن پاڪستان جي پراڻي موقف کي تسليم ڪيو آهي ته افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته توڙي جو واپار جي بندش سان نقصان ٿي رهيو آهي پر انساني جانين جو معاملو اهم آهي، آپگهاتي بمبارن کي ڪڏهن داخلا جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته افغانستان سان سرحد کلڻ ۾ دير جي ذميواري افغان طالبان تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ انهن کي پاڪستان ۾ حملا روڪن لاءِ سنجيده قدم کڻڻا پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.