اسلام آباد (بيورو) حڪومت چيف وهپ عامر ڊوگر کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي عهدي لاءِ پي ٽي آءِ جي نامزد ڪيل محمود خان اچڪزئي تي اعتراض اٿاريا ويا آهن. پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي عهدي لاءِ محمود خان اچڪزئي جو نالو تبديل نه ڪيو ويندو. عامر ڊوگر جو چوڻ آهي ته هي نالو تحريڪ انصاف جي باني ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ سان صلاح مشوري کان پوءِ فائنل ڪيو ويو آهي، ان تي اعتراض ڪرڻ جو ڪو به سبب ناهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي سيٽ ٻن مهينن کان خالي آهي ۽ حڪومت کي وڌيڪ دير نه ڪرڻ گهرجي.