ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فيڊرل بي ايريا رحمان آباد ۾ پاڻي نه ڏيڻ جي خلاف بزرگ رهواسي عدالت پهچي ويو .عدالت ڊائريڪٽر ليگل واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن کي طلب ڪري ورتو، ڊبليو ايس سي جي وڪيل چيو ته اسان درخواست گذارکي پاڻي ڏنوآهي، عدالت وڪيل کان سوال ڪيو ته توهان ڪنهن جي نمائندگي ڪئي آهي، عدالت چيو ته مون کي ٻڌايو ته اهڙا قانوني دليل ڏنا وڃن ٿا، درخواست گذار چيو ته اسان هڪ ڏهاڪي کان پاڻي ها خواهشمند آهيون، اسان کي پاڻي ڏنو وڃي، عدالت پاڻي ڏيڻ جو به حڪم ڏنو هو پر ان تي اڃا تائين عمل نه ڪيو ويو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. .