مظفرآباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مئي ۾ جنگ جي ميدان ۾ پاڪ فوج ڀارت کي زوردار چماٽ هنئي جنهن تي آمريڪي ڪانگرس به مهر لڳائي ڇڏي، جنگ جي دوران فيلڊ مارشل بنا ڪنهن خوف جي منهنجي مشاورت سان فيصلا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف باغ آزاد ڪشمير ۾ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکيو 137 ڪئنال تي ٻڌل انهي دانش اسڪول ۾ تقريبن 800 ٻار تعليم حاصل ڪري سگهندا. افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي دفاعي ميدان جيان معاشي ميدان ۾ به مضبوط بنائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ آزاد ڪشمير جي ترقي لاءِ رياستي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو. دانش اسڪول ۾ ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ ڌار ڌار ڪيمپس ٺاهيا ويا آهن. اسڪول ۾ راندين جون سهولتون، لانڊري، ڪيفي، هاسٽل ۽ ڊجيٽل لائبريري به شامل آهن. وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ چيو ته باغ ۾ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي هي اهو دانش گاهه آهي جنهن جو سفر اسان پنجاب کان شروع ڪيو هو، اڄ سموري ملڪ ۾ دانش اسڪولن جو بنجڻ خوشي جوڳو آهي. ڀمڀر ۾ دانش اسڪول جو 35 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. تعليم کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته باغ جي دانش اسڪول جو افتتاح 23 مارچ 2026 تي ڪيو وڃي. هن چيو ته دانش اسڪول جو دائره اختيار وادي نيلم تائين پکيڙيو ويندو. وزيراعظم چيو ته نئين چونڊيل آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فارورڊ ڪهوٽه ۾ دانش اسڪول جي فرمائش ڪئي آهي انهي جي خواهش تي اتان جي لاءِ تحفي طور دانش اسڪول جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته دانش اسڪول پاڪستان جي مشهور تعليمي ادارن مان هڪ آهن. جهن ۾ غريب ٻارن کي بهترين تعليمي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مئي ۾ پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ جنگ ۾ اسان جي فتح تي مهر لڳائي ڇڏي. هن چيو ته هاڻ ته آمريڪي صدر به اهو مڃي ٿو ته پاڪستان ڀارت جي جديد جنگي جهازن کي ڪيرايو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به 7 ڀارتي جهاز ڪيرائڻ جو ذڪر ڪيو آهي. وزيراعظم معاشي ميدان ۾ ڏينهن رات محنت جاري رکڻ تي زور ڏيندي چيو ته جيڪي قومون معاشي طور تي ترقي نٿيون ڪن اهي ڪامياب ناهن ٿينديون، هڪ ڏينهن ايندو ته اسان جي قرضن مان جان ڇٽي ويندي. هن چيو ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان ۽ دانش اسڪول به اتي تعمير ٿيندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آزاد ڪشمير ۾ گورننس جو مثالي معيار قائم ڪندي عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل راٺوڙ چيو ته سموري پاڪستان ۾ دانش اسڪولن جو سلسلو وڌائڻ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. دانش اسڪول وزيراعظم جي علم دوستي جو چٽو ثبوت آهي.